اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ نئين ۽ خطرناڪ روايت وڌي رهي آهي ته ڪتابن کي محفوظ رکڻ لاءِ انهن تي پلاسٽڪ ڪور چاڙهيو وڃي، جيڪو ماحول لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي.
سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شيري رحمان چيو ته پلاسٽڪ کي مڪمل طور ختم ٿيڻ ۾ هڪ هزار سال به لڳي سگهن ٿا، ان جو تمام گهڻو استعمال ماحول ۽ انساني صحت ٻنهي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي.
هن چيو ته پلاسٽڪ مختلف بيمارين، خاص طور ڪينسر جي وڏي سببن ۾ شامل آهي، تنهن ڪري ڪتاب کپائيندڙن کي هڪ واضح ٽائم فريم ڏيڻ گهرجي ته جيئن اهي پلاسٽڪ ڪور جي استعمال جو مڪمل خاتمو ڪن.
اجلاس ۾ شيري رحمان پلاسٽڪ ڪور جي روڪٿام بابت بل پيش ڪيو، جيڪو گڏيل طور منظور ڪيو ويو.
You might also like