سياسي بحران جو واحد حل عمران خان جي آزادي آهي: ناصر عباس جي سينيٽ ۾ پهرين تقرير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته موجوده سياسي بحران جو واحد حل عمران خان جي آزادي آهي.
ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر طور پنهنجي پهرين تقرير ۾ علامه راجا ناصر عباس چيو ته الله پاڪ سڀني نبين کي عدل ۽ انصاف لاءِ موڪليو، رياستي ٿنڀ ڪمزور ٿي چڪا آهن ۽ قانون جي بالادستي ختم ٿيندي پئي وڃي.
هن چيو ته ڪجهه دهشتگردن جي ڳولا ۾ سڄي علائقي جو گهيرو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن اها ئي ذميواري مقامي ماڻهن کي ڏني وڃي ته دهشتگردن کي آساني سان پڪڙي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ انصاف جو نظام بحال ٿيڻ گهرجي، سياسي ڪارڪنن کي هراسان ڪري نظام نٿو هلائي سگهجي، ماڻهن کي ڳالهائڻ جي آزادي ڏني وڃي، ان سان رياست مضبوط ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.