خراب حڪمراني ۽ بي انتها ڪرپشن جو نتيجو!گل پلازا جو دردناڪ سانحو

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه گل پلازا ۾ پيش آيل افسوسناڪ باهه لڳڻ واري واقعي بابت جامع امدادي پيڪيج، جاچ ۽ فائر سيفٽي سڌارن جو اعلان ڪيو آهي. هي اعلان هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو جتي واپاري ۽ ڪاروباري اڳواڻ محمد جاويد ٻلواڻي، محمد ادريس ميمڻ، محمد رضا، محمد جنيد مقطع، محمد طارق يوسف ۽ محمد تنوير پاستا موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاه ۽ سعيد غني، صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ڊي سي ڏکڻ جاويد کوسو به شريڪ هئا. ابتدائي جائزي موجب شارٽ سرڪٽ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. سيد مراد علي شاه ميڊيا کي ٻڌايو ته باهه وسائڻ لاءِ 24 فائر بريگيڊ گاڏيون، 10 واٽر باؤزر ۽ 4 اسنوڪر گاڏيون استعمال ڪيون ويون. ڪي ايم سي جا لڳ ڀڳ 100 فائر فائٽر ۽ ريسڪيو 1122 جا ٻيا 100 اهلڪار آپريشن ۾ شامل هئا. هن چيو ته عمارت جي بناوٽ سبب اندر وڃڻ ڏکيو رهيو ۽ اڃا تائين لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو باهه دکي رهي آهي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته باهه جي واقعي ۾ فوت ٿيل هر شهري جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو ويندو. هن يقين ڏياريو ته متاثر دڪاندارن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ کين ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ مڪمل مدد ڪئي ويندي. سيد مراد علي شاه ٻڌايو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪراچي ڪمشنر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سهڪار ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته فارنزڪ ليبارٽري لاهور کان به مدد ورتي پئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي تخريبڪاري ثابت ٿي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ضرورت پوڻ تي جوڊيشل انڪوائري به ڪرائي ويندي. وڏي وزير فائر سيفٽي آڊٽ 2024 تي فوري عملدرآمد جو اعلان ڪيو جنهن تحت 145 عمارتن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن چيو ته اهڙن واقعن کان بچاءَ لاءِ حڪومت ۽ واپاري ٻنهي کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون. سيد مراد علي شاه ٻڌايو ته گل پلازا ۾ اصل اجازت 1017 دڪانن جي هئي ۽ جاچ ۾ اهو به ڏٺو ويندو ته ڇا اضافي دڪان تعمير ڪيا ويا ۽ ڇا مناسب فائر فائٽنگ انتظام موجود هئا يا نه۔ هن چيو ته حڪومت پنهنجون غلطيون تسليم ڪري ٿي پر هر اداري کي به پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي۔ ميڊيا کي مخاطب ڪندي هن چيو مان ميڊيا کان ناراض ناهيان پر مثبت ۽ تعميري ڪردار جي درخواست ڪرڻ غلط ناهي. هن پنهنجي دير بابت وضاحت ڪندي چيو ته هو ان وقت شهر کان ٻاهر هو جڏهن ته ميئر ڪراچي به ٻاهر هو ۽ پهرين دستياب اڏام ذريعي واپس آيو. نائب ميئر ۽ ڪمشنر ڪراچي موقعي تي موجود هئا. مشهور واپاري اڳواڻ جاويد ٻلواڻي وڏي وزير جي بيانن جي تائيد ڪئي ۽ ميڊيا کان بحالي جي ڪوششن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته فائر الارم انساني جانيون بچائڻ جو سڀ کان اهم ذريعو آهن ۽ ڪراچي چيمبر شهر جي مارڪيٽن ۾ فائر ڊرلز ڪرائيندو.

ڪراچي(رپورٽر)  گل پلازا سانحي ۾ فوتين جو انگ 26 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته واقعي کان پوءِ 76 ماڻهو اڃا تائين گم آهن. سنڌ حڪومت پلازا جي ٻيهر بحالي ۽ فوتين جي وارثن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جي هيلپ ڊيسڪ موجب ڪالهه 70 ماڻهن کي گم ٿيل طور رجسٽر ڪيو ويو هو، جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ وڌيڪ 6 ماڻهن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت جي هيلپ ڊيسڪ پاران جاري ڪيل فهرست موجب گم ٿيل ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي عورتون پڻ شامل آهن.ريسڪيو عملدارن موجب، گل پلازا ۾ باهه تي تقريبن ضابطو آڻي ورتو آهي، ان کي ٿڌي ڪرڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته ريسڪيو اهلڪار پڻ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن. اختيارين موجب، باهه تي ضابطو آڻڻ کان پوءِ، فائر فائٽر پلازا ۾ داخل ٿيا، سڙيل دڪانن ۾ محدود سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران هڪ ٻار سميت 3 ماڻهن جا عضوا مليا، جن کي سول اسپتال ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو. گل پلازا سانحي ۾ هاڻي تائين 26 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.