قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ گل پلازا سانحي جو پڙاڏوڍڪرپشن جي قيمت به چڪائڻي پوندي آهي: ميمبر

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته ڪرپشن جي قيمت به چڪائڻي پوندي آهي،سپريم ڪورٽ ڪراچي بلڊنگ اٿارٽي بابت پوري جاچ ڪرائي هئي،رڳو ڪراچي نه پر پوري پاڪستانجو مسئلو آهي ته بلڊنگ باءِ لاز جا قانون رڳو ڪاغذن ۾ موجود آهن،ڪرپشن جي ڪري اهڙا نقشا پاس ٿيندا آهن،نه فائر ايگزٽ هوندو آهي نه سيفٽي جو نظام هوندو آهي،هن چيو ته سدائين اهڙا واقعا ٿيندا آهن اپوزيشن تنقيد ڪندي آهي،حڪومت ۽ وڏا وزير دفاع ڪندا آهن،خزاني مان ڪروڙين رپيا ڪڍي متاثرن کي ڏنا ويندا آهن پر مسئلي جو حل نه ڪڍيو ويندو آهي،گل پلازا سانحي ۾ سنڌ حڪومت جي نااهلي ظاهر ٿي،پ پ سينيٽر وقار مهدي چيو ته گل پلازا تي انتهائي ڪربناڪ سانحو ٿيو،جنهن وقت اهو واقعو ٿيو پندرهن ويهن منٽن اندر اتي فائر برگيڊ پهتي،ايم اي جناح روڊ تي وفاقي سرڪار جو گرين لائن جو منصوبو هلي رهيو آهي جنهن سبب اهو روڊ ٿورو سوڙهو ٿي ويو آهي،ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبرخالده اطيب چيو ته 22 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي،70 کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن،عمارت ۾ ڪنهن به قسم جو هنگامي طور نڪرڻ جو رستو نه هو،فائر الارم نه هو،اها ڪنهن جي ذميواري آهي،سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ان عمارت ۾ 500بدران 1200 دڪان قائم ڪرڻ جي ڪيئن اجازت ڏني؟رڳو ايوان صدر ۾ ويهي پنهنجي ڪارڪردگي تي بريفنگ نه ڏيڻ گهرجي،هن چيو ته 2023ع ۾ آر جي مال ۾ باهه لڳي،وڏن شاپنگ مالز ۾ سيفٽي جا انتظام ڏسڻ جي نگراني ڪير ڪندو؟هن چيو ته حڪومت چوي پئي ته نقصان جو ازالو ڪيو ويندو پر زندگين جو ازالو نٿو ٿي سگهي،اسان سانحن مان ڪو به سبق نه وٺندا آهيون،هوڏانهن متحده جي ايم اين اي ارشد وهره چيو آهي ته گل پلازا سانحي ۾ شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ اڄ ايوان ۾ دعا گهري وئي آهي،1200 دڪان سڙي ويا،تقريبن 7 کان 8 هزار ماڻهو هڪ ئي رات ۾ بيروزگار ٿي ويا،هي اهي ماڻهو هئا جن اربين رپيا ٽيڪس جي مد ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي جمع ڪرايا،متاثرن کي سنڌ ۽ وفاقي سرڪار جي مدد گهرجي،2025ع ۾ ملينيم مال ۾ 100 دڪان سڙي ويا هئا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.