باهه واقعي ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي به نااهلي؟

لاهور (امداد سومرو) گل پلازا باهه واقعي جي جاچ ۾ اهو به سامهون آيو آهي ته عمارت اصل ۾ محدود منزلن لاءِ منظور ٿيل هئي، پر بعد ۾ بغير مناسب منظوري جي وڌيڪ فلور تعمير ڪيا ويا۔ دڪانن جو تعداد 500 مان وڌائي 1200 ڪيو ويو، جنهن سان خطرا وڌيڪ وڌي ويا۔ ماهرن ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته بار بار اهڙن سانحن جو سبب سرڪاري نگراني جي کوٽ، بلڊنگ ڪنٽرول اختيارين جي نااهلي ۽ جديد فائر سيفٽي سسٽم لاڳو نه ٿيڻ آهي۔. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪراچي سميت سمورن شهرن ۾ عمارتن جي فائر سيفٽي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙيون قيمتي جانيون ضايع نه ٿين۔.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.