ڪرپشن جي باهه انسانن جا ضمير ساڙڻ کانپوءِ عمارتن ۽ انسانن کي ساڙڻ لڳي!

اسلام آباد (حامد مير) ڪراچي سانحي ۾ اوهان کي جيڪا باهه نظر اچي ٿي، اها رڳو ڪراچي ۾ نه پر پاڪستان جي گهڻن شهرن تائين پکڙيل آهي ۽ اها اصل ۾ ڪرپشن جي باهه آهي. ڪير مڃي نه مڃي پر اها باهه سموري پاڪستان کي وڪوڙي رهي آهي. هي باهه نه رڳو انسانن پر انسانن جي ضميرن کي به ساڙي رهي آهي. جڏهن ضمير سڙي ويندو آهي ته ان جي خاڪ مان اها ڪرپشن جي باهه اڀرندي آهي ۽ عمارتون سڙنديون آهن. وڏو وزير مراد علي شاهه غلطين مان سکڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر واقعي کانپوءِ هر وڏو وزير اها ئي ڳالهه ڪندو آهي. سنڌ ۾ ان کان اڳ جيڪي وڏا وزير هئا انهن به ائين ئي چيو هو.  2012 ۾ بلديا فيڪٽري ۾ باهه لڳي، 2016 ۾ ريجنٽ پلازا ۾ باهه لڳي، 2023 ۾ راشد منهاس روڊ تي باهه لڳي، 2024 ۾ شاپنگ پلازا ۾ باهه لڳي، اهڙا 20 سالن ۾ 20 واقعا ٿيا آهن.  پر ان تي ڪو سبق ناهي سکيو ويندو.  اطلاعن موجب، گل پلازا ۾ غيرقانوني اڏاوتون ۽ حددخليون ٿيون.  مڪاني کاتن واري وزير ناصر حسين شاهه ان تي چيو ته اهو درست آهي ته دڪانن کي ناجائز وڌائي انهن کي قانوني تحفظ ڏنو ويو هو.   اسان پاڻ کي ذميواري کان آجو نٿا سمجهون. جڊيشل ڪميشن به ٺاهڻي پئي ته ٺاهينداسين. ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته اهڙن واقعن تي ذميوارن جو پتو لڳائڻ گهرجي ته ڪيئن ڪجهه پيسا ڪمائڻ جي لالچ ۾ ماڻهن جون حياتيون ضايع  ٿيون. غيرقانوني اڏاوتون ٿيون. ڪرپشن جو ڪينسر نظام ۾ مختلف هنڌن تي موجود آهي. اها اسان جي ذميواري آهي ته ان خلاف قدم کنيا وڃن.  پي ٽي آءِ ايم اين اي شهرام ترڪئي چيو ته 4 حڪومتون ڪرڻ کانپوءِ به اهو چوڻ ته اسان سبق سکنداسين اهو سواليا نشان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.