ڪراچي ۾ باهه ۽ عمارتن جي ڪِرڻ جا وڌندڙ واقعا، ذميوار ڪير؟

ڪراچي ۾ باهه لڳڻ توڙي عمارتن جي ڪِرڻ جا واقعا ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته هر نئون حادثو گذريل حادثن کان وڌيڪ سوال ڇڏي ويندو آهي ۽ حڪومتي ادارا، بلڊرز، بلڊنگ انتظاميا ۽ لاڳاپيل ذميوار ڌريون هر ڀيري ساڳي لاپرواهي ۽ ساڳي بي حسي جو مظاهرو ڪنديون رهن ٿيون. گل پلازا ۾ لڳل باهه اهڙي ئي هڪ ڪڙي آهي، جنهن نه رڳو ڪيترين زندگين کي خطري ۾ وڌو، پر اهو به واضح ڪري ڇڏيو ته ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ۾ انساني جانن جي ڪا به قيمت ناهي. گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي بابت سامهون آيل معلومات موجب بلڊنگ انتظاميا هر مهيني دڪاندارن کان منٽينس جي مد ۾ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم اوڳاڙيندي رهي هئي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اها رقم واقعي ايمانداري سان بلڊنگ جي بهتري، حفاظت ۽ فائر سيفٽي تي خرچ ڪئي وئي هجي ها ته ڇا اهڙي وڏي تباهي ممڪن هئي؟ ڇا باهه لڳڻ کان پوءِ ماڻهو جان بچائڻ لاءِ ڇتين تي چڙهڻ تي مجبور ٿين ها؟ ڇا دڪاندار پنهنجي سڄي عمر جي ڪمائي اکين آڏو سڙي خاڪ ٿيندي ڏسن ها؟ اهي سڀ سوال نه رڳو گل پلازا انتظاميا، پر انهن سرڪاري ادارن ڏانهن به اشارو ڪن ٿا، جن جي ذميواري هئي ته اهڙين عمارتن جي باقاعدي جاچ ڪن ۽ قانون تي عمل ڪرائن.

باهه لڳڻ جو خطرو هر وقت هر هنڌ موجود رهي ٿو، رهائشي عمارتون هجن، فيڪٽريون هجن يا عام گهر، باهه ڪنهن به وقت لڳي سگهي ٿي. دنيا جي مهذب ملڪن ۾ ان خطري کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ بندوبست ڪيو ويندو آهي. فائر الارم سسٽم، اسپرنڪلر سسٽم، ايمرجنسي ايگزٽ، باهه اجهائڻ وارا اوزار ۽ تربيت يافته عملي جي موجودگي کي قانوني طور لازمي بڻايو ويندو آهي. پر ڪراچي ۾ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. هتي بلڊنگون ٺهنديون آهن، دڪان وڪرو ٿيندا آهن، ماڻهو آباد ٿيندا آهن، پر فائر سيفٽي ڪنهن جي به ترجيح ناهي هوندي. بدقسمتي سان گل پلازا ڪو پهريون واقعو ناهي. ماضي ۾ به ڪراچي ۾ ڪيترن ئي عمارتن ۾ باهه لڳي، ڪيترين فيڪٽرين ۾ مزدور زنده سڙي ويا، ڪيترن خاندانن پنهنجا پيارا وڃايا، پر نه قانون سخت ٿيو، نه نگراني وڌي، نه ئي ذميوارن کي سزا ملي. نتيجي ۾ لاپرواهي هڪ معمول بڻجي وئي آهي. بلڊنگ انتظاميا منٽينس جي نالي تي ڳاٽي ٽوڙ رقمون اوڳاڙيندي رهي ٿي، پر جڏهن ڳالهه سيڪيورٽي ۽ حفاظت جي ايندي آهي ته اها هٿ کڻي ڇڏيندي آهي.

اهو سوال انتهائي اهم آهي ته آخر لاڳاپيل سرڪاري ادارا ڇا ڪري رهيا آهن؟ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، مڪاني حڪومت، فائر برگيڊ، ليبر ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا ذميوار ادارا رڳو ڪاغذن ۾ موجود آهن يا عملي طور به پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا؟ هجڻ ته ايئن گهرجي ته هر ٽن مهينن کان پوءِ رهائشي اپارٽمينٽن، شاپنگ سينٽرن، مارڪيٽن ۽ فيڪٽرين جو تفصيلي معائنو ڪيو وڃي. ڏٺو وڃي ته فائر الارم سسٽم ڪم ڪري رهيو آهي يا نه، فائر برگيڊ جا اوزار موجود آهن يا نه، ايمرجنسي ايگزٽ کليل آهن يا بند ۽ عملي کي تربيت ڏنل آهي يا نه. پر عملي طور اهڙي ڪا به سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي. جيڪڏهن ڪنهن عمارت ۾ معمولي دونهين سان ئي الارم وڄڻ شروع ٿي وڃي ۽ بلڊنگ اندر موجود فائر برگيڊ جو عملو فوري طور ڪارروائي ڪري ته وڏي تباهي کان بچي سگهجي ٿو. پر هتي ته نه الارم هوندا آهن، نه تربيت يافته عملو. ماڻهو باهه لڳڻ کان پوءِ ڀڄڻ لڳندا آهن، لفٽون بند ٿي وينديون آهن، ڏاڪڻيون بند ملنديون آهن ۽ هر طرف افراتفري پکڙجي ويندي آهي. ڪراچي ۾ بلڊنگن ۾ چوڪيدار، لفٽ آپريٽر ۽ صفائي وارو عملو ته رکيو ويندو آهي، پر فائر سيفٽي لاءِ ڪو مستقل عملو مقرر ڪرڻ جو تصور ئي موجود ناهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته فائر برگيڊ جو عملو به بلڊنگ جي ٻين عملي جيان ضروري آهي. جيڪڏهن ٽن شفٽن ۾ چوويهه ڪلاڪ تربيت يافته فائر سيفٽي اسٽاف موجود هجي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري قدم کنيا وڃن  ته ڪنهن وڏي تباهي ۽ حادثي کان  ڪنهن قدر محفوظ رهي سگهجي ٿو.

ڪراچي جي تعميراتي صورتحال به انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. شهر ۾ ٺهندڙ چار يا پنج ماڙ عمارتن مان اڪثر غير قانوني آهن. انهن جا نقشا بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان منظور ئي ناهن ڪرايا ويندا. بلڊرز پنهنجي مرضي سان تعمير ڪن ٿا ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ريگيولرائيزيشن ڪرائي ڇڏين ٿا. وڏين عمارتن ۾ به اڪثر مٿيان ٻه يا ٽي ماڙ غير قانوني طور ٺهندا آهن، جيڪي منظور ٿيل نقشي ۾ شامل ئي ناهن هوندا. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي جون عمارتون بي ترتيب، بدصورت ۽ خطرناڪ نظر اچن ٿيون. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ صورتحال پاڪستان جي قيام کان اڳ واريون پراڻيون عمارتون آهن. پٿر ۽ چونا سان ٺهيل اهي عمارتون پنهنجي اصل بناوت ۾ ته مضبوط هيون، پر انهن جي مٿان بلاڪن سان هڪ يا ٻه واڌو ماڙ ٺاهي ڇڏيا ويا آهن. اهي واڌو ماڙ نه رڳو قانوني طور غلط آهن، پر فني لحاظ کان به انتهائي خطرناڪ آهن. انهن ۾ نه مناسب سريو استعمال ڪيو ويندو آهي، نه ئي اصل عمارت سان مضبوط جوڙ جو خيال رکيو ويندو آهي. نتيجي ۾ اهي ماڙ هوائي محل بڻجي ويندا آهن، جيڪي ڪنهن به وقت ڪِري سگهن ٿا.

ڪراچي ۾ عمارتن جي ڪِرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن پر پوءِ ساڳيو ڪم ٻيهر شروع ٿي وڃي ٿو. ڪو به اهو سوال نٿو ڪري ته آخر اهڙين عمارتن کي اجازت ڪنهن ڏني؟ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪٿي هئي؟ انجنيئرن ۽ انسپيڪٽرن پنهنجو فرض ڇو ادا نه ڪيو؟ حقيقت اها آهي ته ڪرپشن، ملي ڀڳت ۽ نااهلي هن نظام کي اندران کائي ڇڏيو آهي. گل پلازا جي باهه هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪراچي ۾ رڳو حادثا ناهن ٿيندا، پر حادثا ٿيڻ ڏنا ويندا آهن. جڏهن قانون تي عمل نه ٿيندو، جڏهن نگراني جو نظام ڪمزور هوندو، جڏهن ذميوارن کي سزا نه ملندي، تڏهن اهڙا واقعا ٿيندا رهندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي بيانن ۽ ڪميٽين کان اڳتي وڌي عملي قدم کنيا وڃن. فائر سيفٽي قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. غير قانوني عمارتن خلاف بي رحماڻو آپريشن ڪيو وڃي، ڀلي ان ۾ ڪيترا ئي طاقتور ماڻهو ڇو نه متاثر ٿين. بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي سياسي اثر کان آزاد ڪيو وڃي ۽ ان کي حقيقي اختيار ڏنا وڃن. منٽينس جي مد ۾ اوڳاڙيل رقم جو آڊٽ ڪيو وڃي ۽ ڏٺو وڃي ته اها رقم ڪٿي خرچ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.