خوشامد جي ور چڙهِي ويل امن جو نوبل انعام

تحرير: ياسر قاضي

چار ڏينھن اڳ، خميس 15 جنوري 2026ع تي، ’وائيٽ هائوس‘ ۾ وينزويلا جي مخالف ڌُر جِي اڳواڻ ۽ 2025ع ۾ امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ، ’ماريا ڪورينا ماچاڊو‘ پنھنجو رڳو 35 ڏينھن اڳ کيس مليل امن جو نوبل انعام، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏئي ڇڏيو، جنھن کي هن ”وينزويلا جي آزاديءَ لاءِ ٽرمپ جي بي مثال عزم“ جي اعتراف ۾ چئي ڏنو. ماچاڊو چيو ته هن پنھنجو نوبل انعام ان ڪري ٽرمپ جي نالي ڪيو، ڇو ته هن وينزويلا جي آزاديءَ ۽ اتي جمھوريت قائم ڪرڻ ۾ ٽرمپ جي ڪردار کي ساراهڻ ٿي چاهيو. موٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ اهو ميڊل وٺندي چيو ته ”ماريا ماچاڊو جو مون لاءِ امن جو نوبل انعام پيش ڪرڻ احترام جو هڪ عظيم اشارو آهي.“ ان طرح سان ”صابُوءَ ميڊل ڏنو ۽ ڏني ٻلو پاتو.“

ياد رهي ته ماچاڊو فقط پنھنجي نوبل انعام جو 196 گرام وزني 18 قراط سون مان ٺھيل 6.6 سينٽي ميٽر قطر وارو، 11 ملين سويڊش ڪرائون (لڳ ڀڳ 12 لک امريڪي ڊالر) ماليت وارو ٻلو، ٽرمپ جي حوالي ڪيو. البته ان ساڻ مليل ڊپلوما (سندَ) ۽ ٻلي جِي ئي ماليت جيترو روڪَ انعام هن ٽرمپ کي ڪونھي ڏنو.

ان کان اڳ تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال نٿو ملي، جو ڪنھن نوبل انعام يافته فاتحَ پنھنجو تمغو يا ڊپلوما پاڻ سان نامزد ٿيل ڪنھن ساٿي مدِ مقابل کي ڏنو هجي. البته، اهڙا واقعا تاريخ ۾ موجود آهن، جڏھن نوبل انعام يافته ماڻھن پنھنجا سونا ٻِلا، ڪن ماڻھن يا تنظيمن کي سوکڙيءَ طور ڏنا هجن يا وڪرو ڪيا هجن. مثال طور 1943ع ۾ ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ ’نٽ همسن‘، نازي پروپيگنڊا وزير ’جوزف گوئبلز‘ کي پنھنجو نوبل وارو ٻلو ڏنو يا 2021ع جي نوبل امن انعام يافته ’دمتري موراتوف‘، گڏيل قومن جي اداري ”يونيسيف“ معرفت يوڪريني پناهگير ٻارن جي مدد لاءِ پنھنجو سونو ٻِلو 100 ملين ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو.

نوبل فائونڊيشن، ماچاڊو جي ان عمل کانپوءِ، پنھنجي پڌرائيءَ ۾، سندس نالو وٺڻ بنا چيو آهي ته ”نوبل انعام کي ڪنھن به ٻئي ماڻھوءَ ڏانھن منتقل نٿو ڪري سگهجي، ايتري قدر جو ان کي نمائندگيءَ طور به ڪنھن کي نٿو ڏئي سگهجي. ماريا ڪورينا ماچاڊو پاران ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل جو ٻِلو ڏيڻ جي ان واقعي تي نوبل فائونڊيشن پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته: ”نوبل ايوارڊ صرف الفريڊ نوبل جي وصيت مطابق ڏنو ويندو آهي ۽ هن انعام کي ماڻڻ واري تي ان جي حفاظت جي ذميواري هوندي آهي. ان ۾ ڪا تبديلي نٿي ڪري سگهجي. نوبل انعام حاصل ڪندڙ پنھنجو نوبل ميڊل ڪنھن کي به ڏئي ڇڏي، اهو اعزاز (ٽائٽل) سندس ئي رھندو ۽ تاريخ ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ (لارِييٽ) طور سندس ئي نالو درج ٿيل هوندو.“

ٻين نوبل انعام يافته فاتحن، ماريا ماچاڊو جي ان عجيب عمل تي گڏيل قسم جو ردِ عمل ظاهر ڪيو آهي. ڪجهه ان کي ٽرمپ جي انا جي خوراڪ ۽ چاپلوسيءَ طور ڏسن ٿا، جڏهن ته ڪي ان کي وينزويلا جي جمھوري تحريڪ لاءِ ماچاڊو جي حمايت کي تسليم ڪرڻ جي علامتي اشاري طور ڏسن ٿا. اڳوڻي هندوستاني پرڏيھي سيڪريٽري ’ڪنول سيبل‘، ماچاڊو جي قدم تي تنقيد ڪندي چيو ته: ”ماچاڊو پنھنجي ان عمل سان نه رڳو ٽرمپ جي انا جي تسڪين ڪئي آهي، بلڪه نوبل ڪميٽيءَ جي فيصلي تي سوال پڻ اٿاريا آهن.“

هن وقت رڳو وينزويلا تي قبضي جي حوالي سان ئي ٽرمپ جو جنگ پرست ڪردار کيس تڪراري ڪونه ٿو بڻائي، بلڪه وڏي عرصي کان غزه ۾ ٿيندڙ قتلِ عام ۽ نسل ڪشيءَ ۾ اسرائيل جي سنئين سڌي مدد، ايران تي ڪجهه مھينا اڳ ڪيل حملن، جوھري سائنسدانن جي قتل، اتان جي ائٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ سميت تازن ڏڦيڙن کي هوا ڏيڻ ۽ حملن جي ارادن جي کلئي اظھار سميت، يمن توڙي روس ــ يوڪرين جنگ ۾ ويڙهائيندڙ ڪردار جي ڪري کيس جنگ پسند، قومن کي ويڙهائيندڙ ۽ خون ريزيءَ مائل ڦڏن کي هٿي ڏيندڙ ناڪاري ڪردار طور دنيا آڏو آڻي ٿو. انھن جنگين سان گڏوگڏ دنيا جي ڪن خطن تي مستقبل قريب ۾ ٽرمپ جي قبضي جي ڪوشش جا ارادا دنيا آڏو پڌرا آهن، جن ڪوششن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ هو ڪنھن به سطح جي حملي ڪرڻ ۾ به دير ڪونه ڪندو. جنھنجو هڪ مثال گرين لينڊ به آهي. ٽرمپ، گرين لينڊ حاصل ڪرڻ جي ارادي جو کليو اظھار دنيا آڏو ڪري چڪو آهي، جنھن سان دنيا ۾ ڊينمارڪ سان تڪرار ۽ امريڪي پاور پکيڙ جي شوق بابت ڳڻتي پيدا ٿي آهي.

ٽرمپ سڄي دنيا ۾ جنگ ڇو ٿو چاهي؟ ان جو سادو ترين جواب اهو آهي ته هن وقت هو پاڻ ئي دنيا جو وڏي ۾ وڏو هٿيار ساز ۽ طمنچي فروش واپاري آهي. سڄي دنيا ۾ وڪجندڙ هٿيارن منجهان 43 سيڪڙو رڳو امريڪا ٺاهي دنيا کي برآمد ڪري ٿو. هو سال ۾ رڳو هٿيارن مان 318.7 ارب امريڪي ڊالر ڪمائي ٿو. ايڏي جهجهي مقدار ۾ هٿيار ۽ بم ٺاھيندڙ ته هر حال ۾ چاھيندو ته دنيا ۾ هر هنڌ جنگ هجي، ته جيئن سندس هٿيارَ وڪامن. ان ڳالهه سان سندس ڪوئي غرض نه هوندو ته انسانيت مري ٿي يا بچي ٿي! ان مارڪيٽ ۾ سندس مدِ مقابل هٿيار فروش، فرانس، روس، چين ۽ جرمني، ترتيب وار ٻئين، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين نمبر تي آهن.

دنيا جو اهو داداگير، جنھنجي ترجيح اولھه کان اوڀر تائين دنيا جي هر خطي ۾ جنگيون ڪرائڻ لاءِ قومن کي مڇرائڻ هجي، ڦڏا ايجاد ڪرڻ هجي، پاڻ حملا ڪرڻ هجي، مختلف ملڪن کان ان جا اَڏا اڌارا وٺي، ان جي پاڙيسري ملڪن تي باهه جا گولا وَسائڻ هجي، ان کي ”امن جو نوبل انعام“ ملڻ جو تصور به ڪيڏو وڏو مذاق هوندو. ان جي باوجود پاڪستان سميت اسرائيل، آذربائيجان، آرمينيا، ڪمبوڊيا، مالٽا، جپان ۽ گيبون جھڙن ملڪن پاران ڏؤنڪي جي چوٽ تي پوئين سال ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ ۽ سندس نالو زور سان تجويز ڪرڻ جو بي شرم عمل نه رڳو هڪ ظالم، سفاڪ، قاتل ۽ جنگ پرست جنونيءَ جي چاپلوسيءَ ۽ ان مان ڊپ جي علامت آهي، بلڪه ظالم ۽ مظلوم جي جنگ ۾ ظالم جي کُلئي حمايت جو واضح اعلان پڻ آهي. جنھن تي انھن قومن جي امن پسند عوام (جيڪي پڪ سان اڪثريت ۾ هوندا) کي پنھنجي پنھنجي سرڪار کان پڇاڻو ضرور ڪرڻ گهرجي.

جڏھن هيڏين ڳرين نامزدگين کانپوءِ آڪٽوبر 2025ع ۾ نوبل انعامن جي اعلان جي موسم آئي، ته سڄي دنيا جي امن پسند توڙي غيرجانبدار حلقن پاران ان ڳالھه تي تشويش جو اظھار پئي ڪيو ويو ته امن جو نوبل انعام هڪ سفاڪ قاتل کي نه ملڻ گهرجي. جڏھن 10 آڪٽوبر 2025ع تي ان انعام جي فاتح جو اعلان ٿيو ۽ اهو نالو ’ماريا ڪورينا ماچاڊو‘ جو سامھون آيو ته سڄي دنيا جا روشن خيال حلقا ان ڳالھه تي خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ لڳا ته اهو انعام گهٽ ۾ گهٽ ٽرمپ کي نه مليو ۽ وينزويلا ۾ مزاحمتي سياست جي حوالي سان هڪ اهڙي اڳواڻ کي مليو، جيڪا انھن ڏينھن ۾ به روپوش هئي ۽ روپوشيءَ سبب انعام وٺڻ لاءِ به پاڻ اوسلو ڪانه وڃي سگهي ۽ اهو انعام ڌيڻهنس وصول ڪيو. جيتوڻيڪ انھن  ڏينھن ۾ ڪن حلقن پاران انھن تحفظات جو پرزور اظھار ڪيو پئي ويو ته ماچاڊو جي فاتح طور اعلان تي خوش ٿيڻ جي ضرورت انڪري ناهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ ٽرمپ جي نظرين جي قائل آهي ۽ کيس پنھنجو پيشوا مڃيندي آهي. ان جي باوجود دنيا جا امن پسند حلقا سندس فتح جي اعلان تي خوش هئا. انعام حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن پھريون ڀيرو اهڙن سمورن حلقن کي تڏھن مايوس ڪيو، جڏهن هن اهو ايوارڊ پري کان ويھي ٽرمپ جي نالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پر حد تڏھن ٿي جڏهن تازو 15 جنوريءَ تي هن ان امن جي نوبل انعام جو ٻلو سندس گهر وڃي کيس پُڄايو. اهو ايئن ئي آهي، جيئن ڪنھن رئيس جي ڊپ کان ڳوٺ جو ڪو ڪڙمي پاڻ کي مليل سوني ڪڪڙ کيس وڃي اوطاق تي ان ڊپ کان پُڄائي اچي ته مون وٽ اها ڪڪڙ محفوظ هونئن ئي ڪانه رھندي ۽ رئيس پنھنجا ماڻھو موڪلي مونکان اها ڦُرائي وٺندو. انڪري بھتر آ ته پاڻ ئي وڃي کيس ڏئي اچان. هي عمل نه رڳو هڪ امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ پاران جنگ جي حمايت جو اعلان آهي، بلڪه ٽرمپ جي سڄيءَ دنيا ۾ وَسايل ۽ وَسائجندڙ باھه جي گولن کي قانوني قرار ڏيڻ جو نندڻ جوڳو عمل به آهي. جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ نوبل ’لارييٽ‘ کي نٿو سونھي! ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن هڪ امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ، جنگي جنون ۾ مبتلا جنگ پرست ۽ هٿيارپرست ماڻھوءَ کي پنھنجو اهڙو اعزاز ارپي، ته ان کان وڌيڪ ذهني پستيءَ جو ثبوت ٻيو ڪھڙو ٿي سگهي ٿو.

گڏوگڏ ان ڪِريل عمل سان ماريا ماچاڊو، وينزويلا ۾ صدر ’نڪولاس ميڊورو‘ جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ نئين سرڪار ٺھڻ کان اڳ پنھنجو پاڻ کي ٽرمپ آڏو نئين رياستي سربراھه جي اميدوار طور پيش ڪندي چاپلوسيءَ جو زبردست مظاھرو پڻ ڪيو آهي. هن ٽرمپ پرستيءَ جا سڀ ليڪا لنگهندي، پنھنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو انعام سندس نالي ڪيو آهي، ته جيئن هوءَ سندس منظورِ نظر بڻجي، وينزويلا جي ايندڙ سربراھه بڻجي. ٿِي سگهي ٿو ماچاڊو پنھنجيءَ ان ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي به وڃي، پر پنھنجي ان عمل سان هن نه رڳو اڻ ڌرين ۽ امن پسند حلقن ۾ پنھنجي ساک هميشه لاءِ وڃائي ڇڏي، بلڪه نوبل فائونڊيشن جي فيصلي تي پڻ ڪئين سوال اٿاري ڇڏيا. نوبل فائونڊيشن کي گهرجي ته هو ان ڏس ۾ سندس نالو وٺندي واضح پاليسي بيان جاري ڪري ته سندس ان عمل کانپوءِ اهو نوبل انعام سندس نالي به باقي رھيو؟ يا نوبل فائونڊيشن پنھنجي پاران ڏنل اهو اعزاز کانئس واپس وٺڻ جو ارادو ٿي رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.