ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ باهه جي حفاظتي قانونن تي عمل نه ٿيڻ ۽ ٽاسڪ فورس نه ٺهڻ جي خلاف ايڊووڪيٽ نديم شيخ پاران توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست گذار جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2017 ۾ فائر سيفٽي قانونن تي سختي سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت هر مهيني عمارتن جو معائنو ڪرڻ ۽ فائر سيفٽي قانونن تي عمل درآمد جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو هو، ڪمشنر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، گل پلازا ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي ها ته گل پلازا سانحو نه ٿئي ها.