هي نوٽيفڪيشن رڳو محمود خان اچڪزئي بابت ناهي. اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته موجوده حڪومتي بندوبست کي ڪنهن وڏي چهري جي تبديلي کانسواءِ ئي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. تحريڪ انصاف جا دوست اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته اچڪزئي جو اپوزيشن ليڊر بڻجڻ اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان جي هڪ اهم ڪاميابي آهي، ڇو ته اپوزيشن ليڊر لاءِ نالو قيدي نمبر 804 پاڻ جيل مان نامزد ڪيو هو. ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جا بااختيار ماڻهو بند ڪمرن ۾ هڪ ٻئي سان تاڙي هڻي چون ٿا ته عمران خان ته اسان جو ڪم سولو ڪري ڇڏيو، ڇو ته جيڪڏهن اپوزيشن ليڊر تحريڪ انصاف مان اچي ها ته هو به ساڳيو ڪجهه ڪري ها، جيڪو عمر ايوب خان ڪندو رهيو. عمر ايوب خان ۽ حڪومت وچ ۾ رڳو رابطن جو فرق نه هو، پر هڪ ٻئي لاءِ سخت ناپسنديدگي به موجود هئي. ان جو سبب اهو هو ته عمر ايوب خان مسلم ليگ (ن) ڇڏي چڪو هو. ان کان علاوه هو پنهنجي والد ۽ ڏاڏي سان لاڳاپيل اداري جي سياست ۾ مداخلت تي کلي تنقيد ڪندو رهيو ۽ اها تنقيد انِ اختيار کي ان ڪري وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ لڳندي هئي، جو عمر ايوب خان پاڪستان جي پهرين فوجي آمر جنرل ايوب خان جو پوٽو آهي. هڪ سال اڳ جنرل ايوب خان جي اسلام آباد واري گهر ۾ ئي تحريڪ تحفظ آئين جوڙي وئي هئي. انهيءَ گهر ۾ محمود خان اچڪزئي بار بار تحريڪ انصاف وارن کي سمجهايو هو ته آئين جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ آصف علي زرداري ۽ نواز شريف سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهه ٻولهه جو رستو ڪڍڻو پوندو.
اچڪزئي تحريڪ تحفظ آئين جي پليٽ فارم تان بار بار گرينڊ نيشنل ڊائلاگ جي ڳالهه ڪئي ۽ اهو به چيو ته نواز شريف هڪ وڏي حيثيت سان ڪو ڪردار ادا ڪري. اچڪزئي ، نواز شريف کي پنهنجو وڏو قرار ڏئي عمران خان جي حامين کي ناراض ڪندو رهيو، پر مسلم ليگ (ن) وارن کي اهو احساس رهيو ته اچڪزئي ساڻن گڏ هلي يا نه هلي، پر حڪومت ڪڏهن ڪڏهن ساڻن ٿوري گهڻي واڪ ته ڪري سگهي ٿي. نواز شريف ۽ شهباز شريف پراڻي رفاقت سبب اڄ به ان جي وڏي عزت ڪن ٿا. نواز شريف اهو ڪيئن وساري سگهي ٿو ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ لنڊن ۾ جيڪو سياسي اتحاد ٺهيو هو، ان ۾ اچڪزئي نه رڳو شامل ٿيو، پر پوءِ به نواز شريف سان گڏ بيٺو رهيو.
2014ع ۾ جڏهن عمران خان اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي قبضو ڪري ڊگهو ڌرڻو هنيو، تڏهن ان ڌرڻي دوران خان اڪثر محمود خان اچڪزئي جي چادر جو مذاق اڏائيندو هو. ان جو سبب اهو هو ته اچڪزئي جو وڏو ڀاءُ محمد خان اچڪزئي بلوچستان جو گورنر هو. عمران خان کي پنهنجي ان غلطيءَ جو احساس ڏهه سال پوءِ ٿيو، پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. 2024ع ۾ عمران خان، محمود خان اچڪزئي کي پنهنجو صدارتي اميدوار بڻايو. سڀ ڄاڻن پيا ته آصف علي زرداري آسانيءَ سان ٻيهر صدر پاڪستان بڻجي ويندو، پر عمران خان اچڪزئي کي صدارتي اميدوار بڻائي دراصل 2014ع ۾ ڊي چوڪ تي ڪيل پنهنجي غلطيءَ جو ڪفارو ادا ڪيو.
اچڪزئي 2014ع ۾ به آئين سان گڏ بيٺل هو ۽ اڄ به آئين سان گڏ بيٺل آهي. هن سان ڪيترن معاملن تي اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر جبر جي هر دور ۾ هو پنهنجي وس کان وڌيڪ استقامت ڏيکاري ٿو. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر بڻجڻ کان پوءِ سندس سياسي زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو امتحان شروع ٿي چڪو آهي. حڪومت ڪوشش ڪندي ته کيس اپوزيشن ليڊر بڻائي 8 فيبروري جي احتجاج واري سڏ کي واپس ڪرائي. واضح رهي ته 8 فيبروري تي ڦيٿا روڪ هڙتال جو سڏ تحريڪ انصاف نه، پر تحريڪ تحفظ آئين ڏنو آهي. اهو سڏ واپس وٺڻ جو ڪو به امڪان ناهي، ڇو ته جنهن پارليامينٽ اندر محمود خان اچڪزئي کي هڪ عهدو ڏنو ويو آهي، اها پارليامينٽ پنهنجي ساک تي 26 نه پر 27 وار ڪري چڪي آهي. سياست هاڻي پارليامينٽ مان نڪري سڌي ريت روڊن ڏانهن وڃي رهي آهي. تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي صورتحال حڪومت کي به پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ تائين آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اسان جا انِ اختيار هڪ جان ٻه قالب نظر ايندا هئا. شرم الشيخ ۾ ته ٽرمپ جي تعريفن ۾ زمين ۽ آسمان کي پاڻ ۾ ملايو ويو هو، جو جذبات جي وهڪري ۾ ڪيترن آمريڪين جون اکيون آلي ٿي ويون، پر انهن تعريفن تي ڪيترائي پاڪستاني رت جا ڳوڙها روئندا رهيا. پوءِ پاڪستان ٻه اهڙا فيصلا ڪيا، جن ٽرمپ کي باقاعده سياسي جهٽڪا ڏنا. پهريون فيصلو پاڪستاني فوج کي غزه موڪلڻ کان انڪار هو، ٻيو فيصلو وينزويلا جي صدر جي گرفتاريءَ بابت گڏيل قومن ۾ مذمتي بيان جاري ڪرڻ هو. جواب ۾ آمريڪا پاڪستان کي انهن 75 ملڪن ۾ شامل ڪري ڇڏيو، جن جي شهرين جي اميگرنٽ ويزا پروسيس کي روڪيو ويو آهي.
پاڪستان جا فيصلا ڪندڙ ايران ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪردار جو هر پهلوءَ کان جائزو وٺي رهيا آهن. کين خدشو نه، پر پڪو يقين آهي ته ايران ۾ حڪومت جي تبديلي کان پوءِ ايندڙ نشانو پاڪستان هوندو. آمريڪا پاڪستان ۾ وڌيڪ سياسي افراتفري نٿو چاهي، پر اسرائيل جي ڪوشش هوندي ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي آمهون سامهون آندو وڃي. آمريڪي اسٽيبلشمينٽ گهڻي عرصي کان پاڪستان جي نيوڪليئر پروگرام کي محدود ڪرڻ جا رستا ڳولي رهي آهي. اڄڪلهه اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٽرمپ ۽ نريندر مودي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪيا وڃن. جيڪڏهن اها ڪوشش ڪامياب ٿي وئي ته نيتن ياهو ۽ مودي ٽرمپ کي پاڪستان جي نيوڪليئر پروگرام خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. هاڻي اهو ڪو راز ناهي رهيو ته ايران ۾ تازن پرتشدد مظاهرن جي پٺيان اسرائيلي ڳجهي اداري موساد جو هٿ هو. اسلام آباد جي سازشي فضائن ۾ اهو انديشو گردش ڪري رهيو آهي ته جنهن نموني ايران ۾ سياسي افراتفري پکيڙي وئي، ساڳي نموني پاڪستان ۾ به افراتفري پيدا ڪري سگهجي ٿي، ته جيئن پاڪستاني حڪومت کي مجبور ڪيو وڃي ته هو گهٽ ۾ گهٽ ايران جي معاملي تي آمريڪا جو ساٿ ڏئي.
گذريل هفتي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايوان صدر ۾ غير ملڪي سفارتڪارن ۽ صحافين آڏو سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو. اهو رڳو سنڌ جو نه، پر 18هين ترميم جي تحفظ جو به ڪيس هو. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ چانهه دوران هڪ سفارتڪار مون کان پڇيو ته ڇا پاڪستان ۾ ڪڏهن اهڙا مظاهرا ٿيا آهن، جهڙا اڄڪلهه ايران ۾ ٿي رهيا آهن؟ مون اهو سوال ٻڌي حيران ٿي پڇيو ته توهان ڇا ڄاڻڻ چاهيو ٿا؟ سفارتڪار چيو ته ڇا پاڪستان ۾ ڪڏهن رجيم چينج لاءِ سياسي مظاهرن مان مدد ورتي وئي؟ مون ها ۾ ڪنڌ لوڏي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪتاب If I Am Assassinated (جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو) پڙهو، جنهن ۾ هن جيل ۾ ويهي لکيو هو ته 1977ع ۾ سندس حڪومت خلاف هلندڙ تحريڪ جي پٺيان آمريڪي ڊالر هئا. هن ڪتاب ۾ ڪجهه ثبوت به پيش ڪيا آهن. سفارتڪار پڇيو ته اهو ڪتاب ڪٿي ملندو؟ مون کيس اسلام آباد جي هڪ بڪ اسٽور جو نالو ٻڌايو، پر اهو به ٻڌايو ته پاڪستان ۾ رجيم چينج تيستائين ممڪن ناهي، جيستائين سياسي قيادت ۽ فوجي قيادت هڪ ٻئي کان بدظن نه ٿين. اچڪزئي جو امتحان هاڻي اهو آهي ته هو پاڻ کي حڪومت جي محبت واري ڄار کان به بچائين ۽ اپوزيشن جي تحريڪ کي غير ملڪي ايجنڊن کان به پري رکن. پاڪستان جو آئين رڳو غير جمهوري قوتن جو نه، پر ڪجهه غير ملڪي طاقتن جو به نشانو آهي، جنهن جي تفصيل اچڪزئي کي ضرور بيان ڪرڻ گهرجي.