دنيا مٿان آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ طرفان ٽئين عالمي جنگ جا طبل وڄائڻ جو ماحول تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعات وينزويلا جي صدر ۽ سندس زال جي اغوا ۽ ان ملڪ جي تيل مٿان زبردستي قبضو ڪرڻ جي اعلان، تيل ڀريل روسي سامونڊي جهازن مٿان قبضي ڪرڻ ۽ ايران مٿان حملي جي امڪاني صورتحال ۽ ٽرمپ جي ٻين جنگي ڳالهين ڄڻ ته دنيا کي ٽئين عالمي جنگ جي دروازي تي پهچايو ڇڏيو آهي، ان صورتحال تي روس ۽ چين جو مثبت ڪردار ادا رهيو آهي.
عالمي ميڊيا مطابق آمريڪا اندروني طور سخت معاشي بحرانن جو شڪار آهي، ان ڪري هر قسم جا ڌاڙن هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان قسم جي اڳڪٿي سنڌ ۽ ملڪ جو کاٻي ڌر جو سياستدان ۽ سنڌ جو قومي رهبر ڪامريڊ رسول بخش پليجو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪچهرين ۾ اهو چئي ڇڏيو هو ته آمريڪا زوال پزير ٿي رهيو آهي ۽ وڏا امڪان آهن ته سامراج ٽئين عالمي جنگ جو ماحول پيدا ڪندو. مون هڪ صحافي جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي ويجهو ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، پر سنڌ جي سياست کان ملڪي عالمي صورتحال تائين رسول بخش پليجي جهڙو انقلابي، جمهوري، قومي سياستدان، اديب، مفڪر ۽ پورهيت اڳواڻ نه ڏٺو آهي . اڄڪلھه جي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ۽ان جي اتحادي سياسي اقتداري ۽ ڪجهه مذهبي پارٽين جي ڳٺ جوڙ ڪري هي ملڪ آهستي آهستي وڪرو ٿي رهيو آهي. سنڌ جون واڳون وڏيرن جي هٿ ۾ آهن ۽ سنڌ جي سمنڊ سميت سمورا وسيلا طاقتور ادارن جي حوالي ٿيل آهن، رسول بخش پليجو هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سنڌ ۾ هٿرادو غربت پيدا ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪو فصل لهندو آهي ته ان جو اگهه ڪيرايو ويندو آهي، هاڻي به اهو عمل جاري آهي، ننڍن آبادگارن، هارين جي زندگي تنگ ٿي وئي آهي، سنڌ جو پاڻي بند ڪري آباد زمينون بنجر بڻائي انهن کي غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو هاڻي سڀني جي سامھون ٿي رهيو آهي.
رسول بخش پليجو ڪراچي جي علائقي صدر ۾ گڏ ٿيل هڪ وڏي ميڙ ۾ سي پيڪ منصوبي جي حمايت ڪندي اهو چيو هو ته آمريڪا ان منصوبي کي هلڻ نه ڏيندو ۽ ٿيو به اهو جيئن هن چيو هو، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي سياست ۾ جرنيلن جي آخري حد تائين وڌيل مداخلت کي نئين سر سمجهڻ چاهي ٿو يا عالمي طور سوشلزم جي جديد شڪل کي سمجهڻ چاهي ٿو، ته کيس رسول بخش پليجي جا ڪتاب پڙهي ۽ سندس ليڪچر ٻڌي. عالمي سامراج طرفان اسلام خلاف مهم ۽ مسلمان ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ مسلمانن کي هڪٻئي خلاف استعمال ڪرڻ، خودڪش حملن وغيره جي مسئلن تي به هن جا وڊيوز موجود آهن، اهڙي نموني جيئن ڪي مصنوعي سوشل ميڊيا جا ايجاد ڪيل پاڻي ماهر ٻالڪن کي متاثر ڪري رهيا آهن، اهو سڄو سنڌ جو ڏيڍ صدي کان موجود ڪيس نه فقط کنيو ۽ ان کي ڪتابي شڪل ۾ تيار ڪيو، پر سنڌو درياهه جي بچاءُ لاءِ مختصر مارچ کان وٺي سوين مردن، عورتن کي سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪيو ۽ ملڪ ۾ ڊيمن خلاف هڪ ماحول پيدا ڪيو. موجود غير يقيني واري دور ۾ رسول بخش پليجي جهڙي مدبر سياسي اڳواڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي جنهن جي پارٽي ۽ سندس نظرياتي پوئلڳ سندس ڏسيل واٽ تي هلي سنڌ جي مفادن جي حفاظت ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جو ڄمي بيهي مقابلو ڪري رهيا آهن. اڄ سندس 96 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو.
عالمي ميڊيا مطابق آمريڪا اندروني طور سخت معاشي بحرانن جو شڪار آهي، ان ڪري هر قسم جا ڌاڙا هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان قسم جي اڳڪٿي سنڌ جي کاٻي ڌر جو سياستدان ۽ سنڌ جو قومي رهبر ڪامريڊ رسول بخش پليجو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪچهرين ۾ ڪئي هئي ته آمريڪا زوال پزير ٿي رهيو آهي ۽ وڏا امڪان آهن ته آمريڪا ٽئين عالمي جنگ جو ماحول پيدا ڪندو. مون هڪ صحافي جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي ويجهي کان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، پر سنڌ جي سياست کان ملڪي عالمي صورتحال تائين رسول بخش پليجي جهڙو انقلابي، جمهوري، قومي سياستدان، اديب، مفڪر ۽ پورهيت اڳواڻ نه ڏٺو آهي .