ڇاڇرو ڀرسان ڏاڍائي سبب ڦاهو کائيندڙ ناري زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي

ڇاڇرو(رپورٽ:يعقوب بجير) ڇاڇرو ڀرسان مبينا لڄالٽ بعد ڦاهو کائيندڙ ناري رنگو ڀيل زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ  حيدرآباد کان ڇاڇرو اسپتال آندو ويو، 8 ڪلاڪن تائين ناري جو لاشڊاڪٽرياڻي جي انتظار ۾ اسپتال ۾ پيل رهيو، وارثن جي احتجاج بعد ناري پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ناري جي والد چمون پٽ کيتو ڀيل جي فرياد  تي ٻن جوابدارن خانو پٽ ڌاڻو ڀيل ۽ هينجراج پٽ گينو ڀيل خلاف قلم 376. 322. 457.34 پي پي ايس تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ناري جي والد ڄاڻايو آهي ته 16 جنوري جي رات جو هڪ وڳي منهنجي 17 سالن  جي ڌيءَ رنگو جي چوئنري مان رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جنهن تي اسان سڄاگ ٿياسين ته خانو پٽ ڌاڻو ذات ڀيل ڳوٺ کڏي سيراندي ۽ نالي هينجراج پٽ گينو ڀيل ڳوٺ کڏي لڄالٽ پيا ڪن. جنهن بعد منهنجي ڌيءَ  غيرت ۾ اچي چوئنري اندر ڦاهو کائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سنڀالي ورتو ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندي ۽ ٻن ڏينهن تائين اسپتال ۾ رهڻ بعد فوت ٿي وئي آهي. جڏهن ته ڇاڇرو پوليس پاران ڪيس ۾ نامزد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.