سرڪار خوف ۾ آهي، جڙتو ڪيسن جي مذمت ڪيون ٿا:جيئي سنڌ محاذ

حيدرآباد (رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي قيادت عزيز الله ڀٽو نواز شاهه ڀاڏائي غفار ميرجت پنھل جمالي ڪمال مھر رمضان ماڇي ۽ اياز سولنگي پنھجي گڏيل بيان ۾ ڇڇر ٿاڻي تي محاذ چيئرمين سربراھ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي رياض علي چانڊيو جسقم ش ڀ چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ايس يو پي صدر سيد زين شاهه صنعان قريشي روشن ٻرڙي ۽ ٻين تي داخل ڪيل ايف آءِ آر جي مذمت ڪندي چيو آھي تـ سرڪار بوکلائجي چڪي آھي ڪالھه ھڪ طرف سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي پرامن جلسي طرف ايندڙ ھزارين قومي ڪارڪنن جا رستا روڪيا ويا گھرن تي چڙھايون ڪيون ويون سن جو گھيرو ڪيو ويو ٻي طرف اڄ قومپرست اڳواڻن خلاف جڙتو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي دراصل ملڪ جي اندر مارشلا لاڳو ٿيل آھي اظھار جي آزادي سلب ڪئي وئي آھي سياست تي بندش ھڻي پنھجي من پسند پارٽين جھڙوڪ پيپلزپارٽي ملسم ليگ ايم ڪيو ايم وغيرھ  کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آھي جڏھن تـ مظلوم قومن جي نمائندگي ڪندڙ قومپرست قيادت خلاف ڪريل حربا استعمال ڪيا پيا وڃن پر ياد رھي تـ ڪوڙن ڪيسن گرفتارين ڌمڪين ۽ رستا روڪ سان عوامي جھدوجھد کي روڪي نٿو سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.