ملير (رپورٽ :جميل چانڊيو) وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٻيٽ درگاهه حسن شاهه تي قبضو ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ سياحتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو اهڙي عمل خلاف ملير واسين پاران مزاحمتجو اعلان، پورٽ قاسم لڳ درگاهه شاهه حسن (رشين بيچ) تي وفاقي وزارت بحري معاملن موجب هي ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي ۽ ان تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سياحتي منصوبو شروع ڪيو ويندو، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران پورٽ قاسم اٿارٽي کي الاٽ ڪيل پندرهن هزار ايڪڙ زمين ۾ هي ٻيٽ شامل ناهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت جو هي منصوبو غيرقانوني آهي۔ ذريعن موجب عمران خان جي حڪومت دوران به سنڌ جي جزيرن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن جي سنڌ حڪومت سخت مخالفت ڪئي هئي۔ رشين بيچ جي ويجهو لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر پکيڙ واري هن جزيري تي سمن دور جي تاريخي درگاهه حسن شاهه موجود آهي، جڏهن ته سرمايه دارن ۽ وفاقي حڪومت جون نظرون هن جزيري تي لڳل آهن، هوڏانهن شاهه حسن درگاهه جي گادي نشين ۽ ملير جي سماج سڌارڪ اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پورٽ قاسم جي اڏاوت وقت اسان کان پنهنجا اباڻا پٽ ترقي جي نالي تي کسيا ويا ۽ هاڻي اسان جي پيارن جون درگاهون به کسيون پيون وڃن، اهڙي ظلم خلاف اسان سماجي ۽ صحافتي حلقن کي شاهه حسن درگاهه جي جزيري واري هنڌ تي معلوماتي دورو ۽ ان جزيري بابت مڪمل آگاهي ڏينداسين، ياد رهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي جي قيام وقت اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پاران هڪ ايم او يو صحيح ڪيو ويو هو جنهن تحت پورٽ قاسم جي متاثرن کي متبادل زمين ۽ هيٺين گريڊ جون نوڪريون ڏنيون وينديون پر ان تي پنجاهه سيڪڙو کان به گهٽ عملدارآمد ڪيو ويو.