اپوزيشن کي ذميوار بڻائڻ وارو پاڪستان جي سياست ۾ نئون آغاز

تحرير: رانا نويد اقبال

ڪيترين ڏهاڪن کان سياسي جماعتن ۽ سياستدانن جي روين، طريقن ۽ اندازن جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ هن سڄي عمل کي سرڪس يا تماشي کانسواءِ ٻيو ڪو به نالو نٿو ڏئي سگهجي. ڪجهه مهينا اڳ جڏهن بلدياتي چونڊن جي حوالي سان تمام گهڻو شور هو ۽ اهو دليل ڏنو پئي ويو ته بلدياتي ادارا جمهوريت جون نرسريون هونديون آهن، تڏهن مون ان صورتحال تي هڪ ڪالم لکيو هو، جنهن ۾ حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اهو سوال اٿاريو ويو هو ته ڇا اهي بلدياتي ادارا واقعي جمهوريت جون نرسريون ثابت ٿيندا يا وري ڪرپشن جون؟ سياستدانن طرفان ڪرپشن، بدعنواني، الزام تراشي ۽ بدتميزي جو سلسلو ته تمام پراڻو آهي، پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي هن ميدان ۾ داخلا کان پوءِ يقينن نوان معيار قائم ٿي ويا آهن. روزانو احتجاج، بيان، الزام، جلسا، ڌرڻا ۽ هڪ ٻئي کي غدار چوڻ واري روايت ماڻهن کي سياست کان بيزار ڪري ڇڏيو آهي. عام ماڻهو نه حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن کي جيل ۾ ڏسي خوش ٿئي ٿو، هو رڳو اهو چاهي ٿو ته ملڪ هلي، بازارون کليل رهن، روزگار ملي، مهانگائي ڪنٽرول ۾ اچي ۽ ٻارن جو مستقبل محفوظ هجي.

اهڙن حالتن ۾ جڏهن حڪومت قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر ۽ سينيٽ ۾ علامه راجا ناصر عباس کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ته يقينن اهو فيصلو رڳو هڪ آئيني گهرج پوري ڪرڻ لاءِ نه هو، پر ان جي پٺيان هڪ واضع سياسي سوچ به موجود آهي. هن فيصلي جو هڪ فائدو اهو به ٿيندو ته ٻنهي صاحبن جو جهنڊي واري گاڏي ۾ ويهڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو. هن وقت پاڪستان کي جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، اها سياسي استحڪام آهي، ڇو ته معيشت اڳ ئي دٻاءُ هيٺ آهي، عالمي سطح تي اعتماد بحال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، آءِ ايم ايف جهڙن ادارن سان معاملا ٻڏتر جو شڪار رهن ٿا، ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اندروني سياسي جنگ به جاري رهي ته نقصان رڳو حڪومت کي نه، پر سڄي ملڪ کي ٿيندو. انهيءَ ڪري حڪومت اپوزيشن مان اهڙا چهرا اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ پارليامينٽ، آئين ۽ سياسي نظام کي تسليم ڪن ٿا، نه ته هر وقت نظام ويڙهڻ جون ڳالهيون ڪن.

محمود خان اچڪزئي انهن سياستدانن مان آهي، جيڪي سخت ڳالهيون ته ڪن ٿا، پر سياسي افراتفري جا قائل ناهن. هو اسيمبلي کي مڃين ٿا، آئين کي مڃين ٿا ۽ اختلاف کي ايوان اندر رکڻ چاهين ٿا. حڪومت لاءِ اهو انتهائي اهم هو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي قيادت اهڙي شخص وٽ هجي، جيڪو سياست کي گار، ڌمڪي ۽ نفرت بدران سياسي انداز سان اڳتي وڌائي. انهيءَ ڪري حڪومت محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر طور قبول ڪيو آهي. ساڳئي طرح سينيٽ ۾ علامه راجا ناصر عباس جي چونڊ به انهيءَ ئي سوچ جو تسلسل سمجهي سگهجي ٿي. سينيٽ اهو ايوان آهي، جتي ملڪ بابت ڊگهي مدي وارا فيصلا ٿيندا آهن. جيڪڏهن اتي هر روز هنگاما ٿيندا رهن، ته قانون سازي ممڪن نٿي رهي. علامه راجا ناصر عباس جو مزاج نسبتاً سنجيده آهي. هو اختلاف به ڪن ٿا ته حدن اندر رهي. حڪومت لاءِ اهو ضروري هو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن جي آواز اهڙي هجي، جيڪا ڳالهه ڪري، رڳو شور نه مچائي. هاڻي هن سڄي معاملي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڪردار واضع طور مختلف نظر اچي ٿو. پي ٽي آءِ جي سياست گذريل ڪجهه عرصي کان مڪمل طور ٽڪراءَ واري سياست بڻجي چڪي آهي. انهن جو بيانو سادو آهي يا اسان اقتدار ۾ هونداسين يا نظام نه هلندو. اها سوچ ڪنهن به جمهوري نظام لاءِ خطرناڪ سمجهي وڃي ٿي. پي ٽي آءِ نه رڳو حڪومت، پر پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن، عدالتن ۽ ٻين ادارن تي به مسلسل حملا ڪيا آهن. هن رويي ملڪ ۾ سياسي گرمي پد گهٽائڻ بدران وڌيڪ وڌايو آهي.

حڪومت بار بار اهو پيغام ڏنو آهي ته اختلاف ڪريو، تنقيد ڪريو، پر آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي. بدقسمتي سان پي ٽي آءِ هن رستي کي اختيار ڪرڻ بدران گهٽين، سوشل ميڊيا ۽ ٻاهرين دنيا ۾ پاڪستان خلاف بيانو ٺاهڻ کي ترجيح ڏني آهي. شايد انهيءَ ڪري حڪومت هن نتيجي تي پهتي آهي ته جيڪڏهن سياسي گرمي پد گهٽائڻو آهي ته پي ٽي آءِ جي سخت رويي کي نظرانداز ڪري اپوزيشن اندر موجود نسبتاً سنجيده قوتن کي اڳتي آڻڻو پوندو. اهو به واضح آهي ته پي ٽي آءِ جي ضد واري سياست پاڻ ان کي به نقصان پهچايو آهي. هڪ وقت هو، جڏهن هي جماعت تبديلي جي نعري سان ميدان ۾ آئي هئي، پر اڄ ان جو نعرو رڳو هڪ قيدي جي آزادي ۽ اقتدار ۾ واپسي تائين محدود ٿي ويو آهي. عوامي مسئلا، مهانگائي، بي روزگاري ۽ معيشت جهڙا موضوع پي ٽي آءِ جي سياست ۾ پٺتي رهجي ويا آهن. ان جي ابتڙ حڪومت، ڀلي ان تي ڪيتري به تنقيد ٿئي، گهٽ ۾ گهٽ اها ڪوشش ته ڪري رهي آهي ته رياستي نظام صحيح نموني سان هلي.

جيڪڏهن هڪ عام ماڻهو جي نظر سان ڏٺو وڃي، ته ان کي ان ڳالهه سان ڪا خاص دلچسپي ناهي ته اپوزيشن ليڊر ڪهڙي پارٽي مان آهي، هو اهو ڏسي ٿو ته ملڪ ۾ سڪون آهي يا نه. جيڪڏهن روڊ بند ٿيندا، ڪاروبار متاثر ٿيندو، سيڙپڪار ڊڄي ويندا، ته ان جو نقصان سڀني کي ٿيندو. حڪومت جو اهو فيصلو ته اپوزيشن جي قيادت اهڙن ماڻهن حوالي ڪئي وڃي، جيڪي پارليامينٽ تي يقين رکن ٿا، دراصل عام ماڻهو جي مفاد ۾ آهي. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سياسي گرمي پد گهٽائڻ ڪنهن هڪ ڏينهن جو ڪم ناهي، بلڪه اهو هڪ مسلسل عمل آهي. حڪومت هن عمل جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ پنهنجي روش تبديل نه ڪئي ته اهي ڪوششون ضايع به ٿي سگهن ٿيون. ضد واري سياست ڪڏهن به ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ناهي ٿي. پاڪستان جي تاريخ گواه آهي ته جڏهن به سياستدانن نظام کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، نقصان هميشه عوام جو ئي ٿيو آهي.

محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس جي مقرري دراصل اهو پيغام آهي ته حڪومت اپوزيشن کي ختم ڪرڻ نٿي چاهي، پر ان کي هڪ آئيني ڪردار ڏيڻ چاهي ٿي. حڪومت سمجهي ٿي ته مضبوط، پر ذميوار اپوزيشن جمهوريت لاءِ ضروري آهي، جڏهن ته اهڙي اپوزيشن، جيڪا هر وقت نظام ڊاهڻ جون ڳالهيون ڪري، ملڪ کي اڳتي نٿي وٺي وڃي سگهي. اڃا به وقت آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اهو سمجهي ته جيڪڏهن ان کي واقعي عوامي سياست ڪرڻي آهي ته پارليامينٽ اندر مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، قانون سازي ۾ حصو وٺڻو پوندو ۽ رڳو احتجاجي سياست کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اهو نه ٿيو ۽ سخت پاليسي تي قائم رهيا، ته پوءِ سياسي گرمي پد گهٽجڻ يا نه گهٽجڻ جي ذميواري به انهن تي ئي عائد ٿيندي.

پاڪستان کي هن وقت جذباتي نه، پر سنجيده سياست جي ضرورت آهي. نعرا نه، حل گهربل آهن. الزام نه، قانون گهرجي. حڪومت گهٽ ۾ گهٽ اها ڪوشش ڪئي آهي ته سياست کي هڪ مهذب رستي تي آندو وڃي. هاڻي اهو پاڪستان تحريڪ انصاف تي آهي ته هو سياست کي ويڙهه بڻائي رکي ٿو يا قومي ذميواري جو ثبوت ڏئي ٿو. يقينن تاريخ ۾ اهي ئي جماعتون ياد رکيون وينديون آهن، جيڪي ڏکئي وقت ۾ رياست سان گڏ بيهن ٿيون، نه ته اهي، جيڪي ضد ۽ انا جي سياست سان ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ڏانهن ڌڪي ڇڏين ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.