بي يقيني جو دور

تحرير: قادر خان

تاريخ جا ورق ورق اٿلائينداسين ته اندازو ٿيندو ته انساني تهذيب هميشه طاقت جي مرڪزن جي چوڌاري گردش ڪرڻ سکيو آهي. ڪڏهن روم ۽ فارس جي ڇڪتاڻ هئي، ڪڏهن برطانيا عظمى جو اهو سج هو جيڪو ڪڏهن لهندو ئي نه هو  ۽ پوءِ اهو دور به آيو جڏهن دنيا واضح طور ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ پاسي سرخ انقلاب جو علمبردار سوويت يونين هو ۽ ٻئي پاسي سرمائيداراڻي نظام جو محافظ آمريڪا.

 اهو سرد جنگ جو زمانو هو، جيڪو ڀيانڪ ضرور هو، پر ان ۾ هڪ عجيب قسم جو نظم ۽ ضبط موجود هو. دنيا کي خبر هئي ته ريڊ لائينون ڪٿي آهن، دوست ڪير آهي ۽ دشمن ڪير. پوءِ برلن جي ديوار ڪري پئي، سوويت يونين ٽٽي پيو ۽ دنيا هڪ قطبي نظام جو تجربو ڪيو، جتي واشنگٽن ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو پوري دنيا جي قسمت جو فيصلو ڪندا هئا. پر اڄ، ايڪيهين صدي جي ٽين ڏهاڪي جي وچ ۾، اسين جنهن موڙ تي بيٺا آهيون، اهو نه سرد جنگ وارو ٻه قطبي نظام آهي ۽ نه ئي آمريڪي بالادستي وارو هڪ قطبي دور. هي ”تزويراتي ۽ جاگرافيائي خلا“ جو دور آهي، هڪ اهڙو عبوري زمانو، جيڪو پراڻي نظام جي ٽٽڻ ۽ نئين نظام جي ٺهڻ جي وچ واري وقفي ۾ جنم وٺي ٿو. اهو ئي اهو خطرناڪ خلا آهي، جتي اڄ ٻي ۽ ٽين دنيا جون رياستون پاڻ کي وکرندي محسوس ڪري رهيون آهن.

هن تزويراتي خلا جو بنيادي سبب اهو آهي ته اڪيلو عالمي پوليس مين، يعني آمريڪا، هاڻي ٿڪجي چڪو آهي، يا ائين چئجي ته هو پنهنجي اندروني ۽ خارجي ترجيحن ۾ ايترو الجهي ويو آهي، جو عالمي نظم و ضبط قائم رکڻ جي اها سگهه يا خواهش وڃائي ويٺو آهي، جيڪا ڪڏهن ان جي سڃاڻپ هئي. ٻي پاسي چين هڪ معاشي ديو بڻجي اڀريو ضرور آهي، پر هو اڃا مڪمل طور تي متبادل عالمي سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ بڻجڻ لاءِ تيار ناهي، يا شايد هو پنهنجي روايتي محتاط پاليسي تحت هن ذميواري کان پاسو ڪري رهيو آهي. روس، يوڪرين ۾ مداخلت سميت سڄي عسڪري جارحيت باوجود، سوويت يونين جهڙي عالمي سپر پاور بڻجڻ جي معاشي سگهه نٿو رکي.

نتيجي طور دنيا جي نقشي تي وسيع علائقا اهڙن ”گرين زونز“ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جتي طاقت جو ڪو هڪ مرڪز موجود ناهي. هي خلا رڳو خالي جاءِ ناهي، پر سخت ڇڪتاڻ جو ميدان آهي، جتي ٻي ۽ ٽين دنيا جا ملڪ، جن کي عام طور گلوبل سائوٿ چيو وڃي ٿو، بي رحمي سان پسجي رهيا آهن. سرد جنگ جي دور ۾ ”نان الائنڊ موومينٽ“ يا غيرجانبدار تحريڪ جو هڪ رومانوي تصور موجود هو. نهرو، ٽيٽو، ناصر ۽ ٻين اڳواڻن ڪوشش ڪئي هئي ته وڏين طاقتن جي رسا ڪشي کان الڳ رهي ڪو ٽيون رستو ڪڍيو وڃي، پر اڄ جي هن تزويراتي خلا ۾ ”غيرجانبداري“ جو تصور عملي طور ختم ٿي چڪو آهي.

ان جي جاءِ تي ”گهڻ رخي صف بندي“ يا سادن لفظن ۾ ”موقع پرستي“ اچي وئي آهي. اڄ جون ڪمزور ۽ وچولي طاقتون ڪنهن هڪ بلاڪ ۾ شامل ٿيڻ بدران، هڪ ئي وقت ڪيترين ٻيڙين ۾ سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. اسان ڏسون ٿا ته خليجي ملڪ، جيڪي ڪڏهن آمريڪي سيڪيورٽي ڇانوَ جو اڻ ٽٽ حصو سمجهيا ويندا هئا، اڄ بيجنگ سان ڊگهي مدي وارا تزويراتي معاهدا ڪري رهيا آهن ۽ ساڳي وقت ماسڪو سان تيل جي اگهن بابت هم آهنگي پيدا ڪري رهيا آهن. ڀارت جهڙو ملڪ، جيڪو ڪواڊ ۾ آمريڪا جو اتحادي آهي، ساڳئي وقت برڪس ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ چين ۽ روس سان گڏ ويهي مغرب جي متبادل نظام جون ڳالهيون ڪري ٿو. اهي تضاد اصل ۾ انهيءَ خوف جي علامت آهن ته جيڪڏهن سڀاڻي آمريڪا مڪمل طور پوئتي هٽي ويو ته انهن جي حفاظت ڪير ڪندو؟ ۽ جيڪڏهن چين عالمي اڳواڻ بڻيو ته ان کي ڪير روڪيندو؟ هن خوف رياستن کي ”تزويراتي مونجهاري“ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

هن خلا جو سڀ کان ڀيانڪ اثر عالمي ادارن ۽ بين الاقوامي قانونن جي بي توقيري جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. گڏيل قومن جو ادارو، سلامتي ڪائونسل، ڊبليو ٽي او ۽ انساني حقن جا ادارا هاڻي رڳو بحث مباحثي جا ڪلب بڻجي ويا آهن. جڏهن غزه ۾ انسانيت سسڪي رهي هجي، يوڪرين ۾ شهر ملبو بڻجي رهيا هجن، يا سوڊان ۽ ڪانگو ۾ رت جون نديون وهي رهيون هجن، تڏهن اهي عالمي ادارا بي وسي جي تصوير بڻيل نظر اچن ٿا. هي بي وسي دراصل انهيءَ تزويراتي خلا جو نتيجو آهي. جڏهن ڪا هڪ طاقت يا طاقتن جو گروهه ايترو مضبوط نه رهي، جو پنهنجي مرضي يا قانون لاڳو ڪرائي سگهي، تڏهن ”جنهن جي لٺ، تنهن جي مينهن“ وارو اصول هلڻ لڳي ٿو.هن لاقانونيت ٻي ۽ ٽين دنيا جي رياستن کي شديد عدم تحفظ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اهي ڏسن ٿيون ته مغرب انساني حقن ۽ جمهوريت جا نعرا رڳو پنهنجن مخالفن خلاف استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته پنهنجن اتحاديَن جي ڏوهن تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي. هن ٻٽي معيار ترقي پذير ملڪن جي عوام اندر مغرب مخالف جذبات کي هٿي ڏني آهي، پر ساڳئي وقت اهي اهو به ڄاڻن ٿا ته چين يا روس جو ماڊل به انساني آزاديءَ جي ضمانت نٿو ڏئي. اهڙي طرح اهي هڪ نظرياتي خلا ۾ به لٽڪيل آهن.

هن تزويراتي خلا جو هڪ ٻيو خطرناڪ پاسو ”پراڪسي وارز“ يا گماشتا جنگين جو وڌڻ آهي. جڏهن وڏيون طاقتون سڌي ٽڪراءَ کان پاسو ڪن ٿيون، ڇو ته ايٽمي هٿيارن جي موجودگي ۾ اهو خودڪشي جي برابر آهي، تڏهن اهي پنهنجا تڪرار ٽين دنيا جي ميدانن ۾ منتقل ڪري ڇڏين ٿيون. شام، يمن، ليبيا ۽ هاڻي آفريڪا جو ساحلي علائقو ان جون واضح مثالون آهن. هتي مقامي تضادن کي ڀڙڪائي عالمي جنگ جو ٻارڻ بڻايو وڃي ٿو. مقامي اشرافيه، جيڪا اڪثر بدعنوان ۽ غير نمائنده هوندي آهي، پنهنجي بقا لاءِ غير ملڪي آقائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. اهي اقتدار بچائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي خودمختياري جو سودو ڪن ٿا. نتيجي ۾ رياست اندر کان کوکلي ٿي وڃي ٿي، ادارا ڪمزور پئجي وڃن ٿا ۽ غير رياستي عنصر، مليشيا ۽ دهشتگرد تنظيمون ان خلا کي ڀرڻ لڳن ٿيون. ان سموري پس منظر ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هي خلا هميشه رهندو؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته خلا ڪڏهن به مستقل ناهي هوندو. ان کي ڀرڻ لاءِ ڪا نه ڪا قوت ضرور اڳتي ايندي آهي. پر ائين لڳي ٿو ته اسان کي اڃا ڊگهي عرصي تائين ”بي يقيني جي دور“ ۾ رهڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.