موروثي بيمارين جو شڪار بڻيل هڪ ڪٽنب جي درد ڪٿا

تحرير: ڊاڪٽر نديم باجڪاڻي

ڪجهه ڪهاڻيون دل ۾ اهڙي طرح رهجي وينديون آهن جو توهان انهن کي رڳو رپورٽ يا ميڊيڪل ڪيس جي طور تي نه پر زندگي ۽ انسانيت جو سبق طور محسوس ڪندا آهيو۔ وهاڙي، پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ خاندان جي ڪهاڻي منهنجي لاءِ اهڙي ئي آهي. هڪ پيءُ جي بي مثال جدوجهد، جنهن غربت ۽ بيماريءَ کي منهن ڏئي پنهنجن ٻارن لاءِ زندگي کٽي. مون ان پيءُ کي پهريون ڀيرو ڏٺو جڏهن هو پنهنجن ٻارن کي رت جي الٽي، پيٽ ۾ پاڻي (Ascites)، سخت ڪمزوري ۽ اينڊ اسٽيچ ليور فيلئر جي حالت ۾ کڻي اسپتال ڏانهن آيو. هر لمحو ان لاءِ هڪ امتحان هو. تشخيص هڪ سخت حقيقت هئي،PFIC  پروگريسِو فيمليئل اِنٽراهيپيٽڪ ڪوليسٽيسس، هڪ موروثي بيماري جيڪا خاندان جي سڀني ٻارن کي پنهنجو شڪار بڻائي سگهي ٿي.

سن 2015 ۾ جڏهن متاثر خاندان جو پهريون ٻار نازڪ حالت ۾ هو، ته پاڪستان ۾ ليور ٽرانسپلانٽ عام نه هو. پوءِ پنجاب حڪومت جي مدد سان پهريون ٽرانسپلانٽ ڀارت ۾ ٿيو. اهو فيصلو آسان نه هو، پر هڪ پيءُ جي حوصلو، ايمان ۽ قرباني کيس پنهنجي ٻار جي زندگي ڏانهن آندو. وقت گذرندو ويو ۽ باقي ٻار به بيماري جي گرفت ۾ آيا. ٻيو ٻار 2020 ۾، ٽيون 2021 ۾، ۽ آخرڪار 15 ساله نينگري بچي، 1 جنوري 2026 تي ڪاميابي سان ليور ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو. اهي ٽئي ٽرانسپلانٽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) ۾ ڪيا ويا.

اڄ جڏهن مان انهن کي ڏسان ٿو، ته صرف ميڊيڪل ڪاميابي نه پر زندگيءَ جي خوشي، مسڪراهٽ ۽ مستقبل جي اميد ڏسڻ ۾ اچي ٿي۔ خاندان جو وڏو پٽ، جيڪو ٽرانسپلانٽ کان پوءِ صحتمند ٿيو، اڄ شادي شده آهي ۽ پنهنجي هڪ پٽ جو پيءُ به آهي. اهو منظر ئي ثابت ڪري ٿو ته زندگي کي واپس آڻي سگهجي ٿو. موجود عالمي طبي رڪارڊ موجب، هڪ ئي خاندان جي چار ٻارن جو مختلف وقتن تي ڪامياب ليور ٽرانسپلانٽ ٿيڻ دنيا ۾ انتهائي نادر آهي. اهو نه صرف پاڪستان، پر عالمي ميڊيڪل ڪميونٽي لاءِ به هڪ مثال آهي.اهو سڀ ممڪن ٿيو سنڌ حڪومت جي سرپرستي سبب، جنهن گمبٽ جهڙي پري علائقي ۾ پيچيده ۽ مهانگي ٽرانسپلانٽ سهولت فراهم ڪئي۔ ڊائريڪٽر GIMS ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ۽ ڊائريڪٽر ٽرانسپلانٽ ڊاڪٽر عبدالوهـاب ڊوگر جي قيادت ۾ گمبٽ اسپتال اهو ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن مقصد نيڪ  هجي ته سرحدون پاڻمرادو مٽجي وڃن ٿيون۔مان هن پيءُ کي سلام پيش ڪريان ٿو. جنهن پنهنجي ٻارن جي زندگي لاءِ غربت ۽ بيماري سان ڄمي بيهي مقابلو ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ کي قربان ڪرڻ کان نه ڪيٻايو۔  مان فخر سان چوان ٿو ته گمبٽ اسپتال ۽ سنڌ حڪومت هن جدوجهد ۾ سندس ساٿ ڏنو.

سن 2015 ۾ جڏهن متاثر خاندان جو پهريون ٻار نازڪ حالت ۾ هو، ته پاڪستان ۾ ليور ٽرانسپلانٽ عام نه هو. پوءِ پنجاب حڪومت جي مدد سان پهريون ٽرانسپلانٽ ڀارت ۾ ٿيو. اهو فيصلو آسان نه هو، پر هڪ پيءُ جي حوصلو، ايمان ۽ قرباني کيس پنهنجي ٻار جي زندگي ڏانهن آندو. وقت گذرندو ويو ۽ باقي ٻار به بيماري جي گرفت ۾ آيا. ٻيو ٻار 2020 ۾، ٽيون 2021 ۾، ۽ آخرڪار 15 ساله نينگري بچي، 1 جنوري 2026 تي ڪاميابي سان ليور ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو. اهي ٽئي ٽرانسپلانٽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) ۾ ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.