اندور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ٽين ۽ آخري ون ڊي ۾ ڀارت کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
اندور ۾ ڪيوي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 337 رنسون ٺاهيون.
ڊيزل مچل 137 ۽ گلين فلپس 106 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڀارت طرفان ارشديپ ۽ هرشيت 3-3، سراج ۽ ڪلديپ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم 46 اوورن ۾ 296 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
ويرات ڪوهلي 124 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو، نتيش ريڊي 53 ۽ هرشيت 52 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
نيوزيلينڊ طرفان فالڪس ۽ ڪلارڪ 3-3، لينوڪس 2 ۽ جيميسن هڪ وڪيٽ ورتي.
You might also like