ڀارتي ايئرلائن جي اڏام ۾ بم جو اطلاع، ٿرٿلو مچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي کان باگڊوگرا ويندڙ انڊيگو ايئر لائنز جي اڏام کي بم جو اطلاع ملڻ تي لکنئو ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.
ڀارتي ميڊيا موجب جهاز ۾ عملي سميت ڪُل 230 ماڻهو سوار هئا.
پوليس ٻڌايو ته بم جو اطلاع جهاز جي واش روم ۾ رکيل ٽيشو پيپر تي هٿ سان لکيل نوٽ ذريعي وصول ٿيو.
لکنئو پهچڻ تي سمورن مسافرن کي محفوظ طريقي سان جهاز مان لاٿو ويو، جهاز کي ايئرپورٽ کان پري منتقل ڪري بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيمن مڪمل تلاشي ورتي.
انتظاميا موجب بم جي اطلاع جي حوالي سان جاچ جاري آهي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.