وينزويلا ۾ اوچتو پيدا ٿيل هڪ ڊرامائي صورتحال مان دنيا اڃا پاڻ کي سنڀاليو ئي نه هو، جو پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران ۾ شديد معاشي ۽ سياسي بحران جنم ورتو. هڪ آمريڪي ڊالر عيوض هڪ لک پنجتهر هزار ايراني ريال ملڻ لڳو. معاشي تاريخ ۾ ڪرنسي جي اهڙي بدترين ڪري پوندڙ حالت سبب غيرمعمولي مهانگائي وڌي وئي، ڪاروبار معطل ٿي ويو ۽ تهران جي واپارين پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا. واپارين جي هڙتال سان گڏ ملڪ جي درجنين شهرن ۾ جوشيلا عوامي مظاهرا شروع ٿي ويا، جن بابت حڪومت جو چوڻ آهي ته هاڻي تائين ٻه هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن. صدر ٽرمپ ايران جي صورتحال تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ايراني حڪومت کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن کان پوءِ دنيا جون نظرون ايران ۽ وچ اوڀر تي مرڪوز ٿي ويون.
وينزويلا ۽ ايران جي حالتن بابت ٿيندڙ تجزين ۾ روايتي نظرياتي، سياسي، مذهبي ۽ مسلڪي رنگ غالب نظر اچي ٿو. انهن تبصرن ۾ اهو بنيادي نُڪتو وساري ڇڏيو وڃي ٿو ته آمريڪا وينزويلا ۾ گذريل 27 ۽ ايران ۾ 57 سالن تائين پنهنجي انتهائي مخالف حڪومتن کي آخر ڇو برداشت ڪندو رهيو؟ ڇا هاڻي حالتون اهڙي حد تائين پهچي ويون آهن جو هن کي ٿوري ئي عرصي ۾ انهن ملڪن خلاف ايتري جارحاڻِي پاليسي اختيار ڪرڻي پئي؟ ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ملڪ تيل جي پيداوار ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، تنهن ڪري آمريڪي قدمن کي هن تناظر ۾ ڏسڻ ضروري آهي.
وينزويلا دنيا جو اهو ملڪ آهي، جنهن وٽ تيل جا سڀ کان وڏا ذخيرا موجود آهن. ان وٽ 303 ارب بيرل تيل آهي، جيڪو عالمي ذخيري جو 17.17 سيڪڙو آهي. عالمي درجابندي موجب سعودي عرب 15.14 سيڪڙو حصي سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته ايران تيل جي ذخيرن وارو دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. ايران وٽ 208.6 ارب بيرل تيل موجود آهي، جيڪو عالمي تيل جي ذخيرن جو 11.8 سيڪڙو بڻجي ٿو. ايران کان پوءِ ڪينيڊا چوٿين نمبر تي آهي، جنهن جو حصو 9.24 سيڪڙو آهي. ان کان پوءِ عراق، متحده عرب امارات، ڪويت ۽ آمريڪا ترتيبوار 8.22، 6.40، 5.75 ۽ 4.74 سيڪڙو حصي سان پنجين، ڇهين، ستين ۽ اٺين نمبر تي آهن. عالمي تيل جي ذخيرن ۾ انهن اٺن ملڪن جو گڏيل حصو لڳ ڀڳ 78 سيڪڙو آهي.
هاڻي اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ڇا آمريڪا پاڻ تيل جي ضرورتن ۾ خودڪفيل آهي يا نه. آمريڪا وٽ دنيا جي تصديق ٿيل تيل جي ذخيرن جو 4.74 سيڪڙو حصو آهي. هن وقت آمريڪا وٽ 83 ارب بيرل کان وڌيڪ تيل موجود آهي، جيڪو سندس يارهن سالن جي ضرورتن لاءِ ڪافي آهي. آمريڪا جي روزاني پيداوار 2 ڪروڙ 28 لک بيرل ۽ روزاني واپرائڻ 2 ڪروڙ 5 لک بيرل آهي، يعني هو روزانو لڳ ڀڳ 23 لک بيرل اضافي تيل پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن وينزويلا کان پوءِ ايران ۾ به آمريڪا جي حمايتي حڪومت اقتدار ۾ اچي وڃي ته آمريڪا سميت دنيا جا اهي مٿيان اٺ ملڪ دنيا جي 78 سيڪڙو ثابت ٿيل تيل جي ذخيرن جا مالڪ بڻجي ويندا. هاڻي سوال اهو آهي ته جڏهن آمريڪا پاڻ تيل جو محتاج ناهي ته پوءِ هو باقي ستن ملڪن ۾ به پنهنجي دوست حڪومتون ڇو قائم ڪرڻ چاهي ٿو؟
تاريخي تجربو ٻڌائي ٿو ته جيڪي ملڪ پنهنجي نظرياتي يا سياسي بالادستي لاءِ انتهائي ڳري ۽ غيرمنافع بخش مالي سيڙپڪاري ڪن ٿا، تن کي آخرڪار سخت بحرانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اڳوڻو سوويت يونين ۽ آمريڪا ان جا ٻه چٽا مثال آهن. هڪ وڏي طاقت، سوويت يونين، سمٽجي روسي فيڊريشن تائين محدود ٿي وئي، جڏهن ته ٻي وڏي طاقت آمريڪا پنهنجي خساري جي سنگين بحران مان نڪرڻ لاءِ زبردست ڪوششون ڪري رهيو آهي. صدر ٽرمپ اڄ دنيا تي آمريڪا جي نظرياتي يا سياسي حڪمراني جي جنگ نٿو وڙهي، پر آمريڪي معيشت کي بچائڻ لاءِ تجارتي جنگ وڙهي رهيو آهي. اهو تصور غلط آهي ته آمريڪا دنيا جي وڏن تيل جي ذخيرن تي قبضي جو خواهشمند آهي. البت هو عالمي منڊي ۾ ڊالر وسيلي تيل جي وڪري کي آمريڪي معيشت جي بقا لاءِ لازمي سمجهي ٿو، جنهن جو هڪ مخصوص تاريخي پسمنظر آهي.
ٻي عالمي جنگ کان پوءِ 1944ع ۾ قائم ٿيل نئين عالمي مالي نظام ۾ ڊالر کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ان وقت ڊالر جي پٺڀرائي سون سان هئي ۽ هڪ ڊالر 35 اونس سون جي برابر هو. 1970ع تائين آمريڪا پنهنجي سون جي ذخيرن کان ڪافي وڌيڪ ڊالر ڇاپي چڪو هو. فرانس سميت ڪيترن ئي ملڪن ڊالر عيوض سون گهُرڻ شروع ڪيو، جنهن سبب سون جا ذخيرا تيزي سان گهٽجڻ لڳا. 1971ع ۾ ڊالر تان دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ صدر نڪسن هڪ طرفي طور ڊالر کي سون سان مٽاسٽا ڪرڻ وارو نظام ختم ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي تائين ڊالر دٻاءَ ۾ رهيو، پر 1973ع ۾ تيل جو عالمي بحران پيدا ٿيو ۽ تيل جي قيمتن ۾ چوڻو اضافو ٿيو. آمريڪا هن موقعي مان ڀرپور فائدو ورتو. هينري ڪسنجر بهترين سفارتڪاري وسيلي سعودي عرب سان اهو معاهدو ڪرايو ته تيل جي واپار ۽ قيمتن جو تعين ڊالر ۾ ڪيو ويندو. ان کان پوءِ دنيا ۾ ڊالر کانسواءِ تيل خريد ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو. ملڪن لاءِ زرمبادله جا ذخيرا ڊالر ۾ رکڻ ضرورت بڻجي ويا. تيل جي برآمد مان حاصل ٿيندڙ اضافي ڊالرن سان آمريڪي اثاثن ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري شروع ٿي، آمريڪي ٽريزري بانڊ خريد ڪيا وڃڻ لڳا، جنهن سبب آمريڪا لاءِ پنهنجو تجارتي ۽ بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ ممڪن ٿيو ۽ ڊالر عالمي ريزرو ڪرنسي بڻجي ويو.
ايڪويهين صدي آمريڪا لاءِ نيون مشڪلاتون کڻي آئي. صدر ٽرمپ درست چوندو آهي ته ماضي جي حڪومتن مختلف جنگين ۽ ڪووڊ وبا دوران امدادي منصوبن تي ملڪ جا هزارين ارب ڊالر ضايع ڪري ڇڏيا. هڪ طرف آمريڪا مسئلن ۾ ڦاٿل رهيو، ٻئي طرف عالمي ڏکڻ ۽ برڪس ۾ شامل ڪيترائي ملڪ ڊالر ۽ سوئفٽ تي ٻڌل عالمي مالي نظام لاءِ وڏو چئلينج بڻجي اڀريا. روس، ايران، چين ۽ ڀارت پنهنجي ڪرنسين ۾ واپار جو حجم وڏي حد تائين وڌائي چڪا آهن. تيل جو واپار به هاڻي جزوي طور ٻين ڪرنسين ۾ ٿي رهيو آهي. آمريڪا کي چين ۽ روس جي طرفان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته ڪيترائي ملڪ برڪس ذريعي متبادل مالي نظام ڏانهن اڳتي وڌي رهيا آهن. هن سال ڀارت ۾ برڪس جو اهم سربراهي اجلاس ٿيڻ وارو آهي، جيڪو آمريڪا لاءِ خطري جي گهنٽي آهي.
انهن سڀني حقيقتن جي روشني ۾ آمريڪا جي حڪمت عملي اها آهي ته دنيا جي 78 سيڪڙو تيل جا مالڪ اهي اٺ ئي ملڪ تيل جو واپار ڊالر کان سواءِ ڪنهن ٻي ڪرنسي ۾ نه ڪن. آمريڪا هن وقت ويهين صدي جي نظرياتي جنگ نه، پر ايڪويهين صدي جي تجارتي جنگ وڙهي رهيو آهي. تجارتي جنگ جا اصول الڳ هوندا آهن. ان جو هڪ ننڍڙو مثال خود وينزويلا آهي. چين وينزويلا کي اربين ڊالر قرض ڏنو، جيڪو هو اڄ تائين بحران ۾ ڦاٿل وينزويلا کان وصول ڪري رهيو آهي. بدترين معاشي بحران جي ڊگهي عرصي دوران به چين کي وينزويلا تي رحم نه آيو. هن اهو به نه سوچيو ته سندس نظرياتي ”دوست“ ملڪ ۾ غربت 90 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي ۽ مهانگائي 180 سيڪڙو کان مٿي آهي. چين، آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي قرض عيوض رعايتي اگهن تي وينزويلا کان تيل خريد ڪندو رهيو. جيڪڏهن چين پنهنجي ”انقلابي نظريي“ کي معيشت جي تابع نه ڪيو هجي ها ته هو ڪڏهن به دنيا جي ٻي وڏي معاشي طاقت نه بڻجي ها. نظريو الڳ، سياست الڳ. جذباتي ردعمل ڏيکارڻ بدران اسان جهڙن ملڪن کي آمريڪا ۽ چين کان گهڻو ڪجهه سکڻ گهرجي.