اڄ مان جڏهن هن اسٽيج تي بيٺو آهيان، ته مون کي اهو احساس آهي ته مان رڳو ڪنهن ڪتاب بابت ڳالهائڻ نٿو وڃان، پر مان هڪ فڪري روايت، هڪ ذهني تحريڪ، ۽ هڪ سماجي ذميواريءَ بابت ڳالهائڻ وارو آهيان. اڄ جي تقريب منهنجي لاءِ رسمي تقرير کان وڌيڪ هڪ ذاتي خوشي، هڪ فڪري تسلسل، ۽ هڪ اخلاقي فرض آهي.
اسان اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون پنهنجي دوست زيد پيرزادو جي ڪتاب “مثبت سوچ” بابت ڳالهائڻ لاءِ. پر مان صاف لفظن ۾ اهو چوڻ چاهيان ٿو ته “مثبت سوچ” رڳو ڪتاب جو نالو ناهي؛ اهو هڪ موقف آهي، هڪ مزاج آهي، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها هڪ ضرورت آهي. اڄ جي سنڌ، اڄ جي پاڪستان، ۽ اڄ جي دنيا لاءِ.
هي ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي، ڪراچي طرفان شايع ٿيو آهي. انور پيرزادو جو نالو سنڌ لاءِ نئون ناهي. هو رڳو هڪ فرد نه هو، پر هڪ ادارو هو. هڪ اهڙو ادارو، جيڪو سوال ڪرڻ سيکاري ٿو، خاموشي قبول نٿو ڪري، ۽ طاقت آڏو سچ ڳالهائڻ کي عبادت سمجهي ٿو. انور پيرزادو جي زندگي سنڌي صحافت، فڪر، ۽ سماجي شعور سان ڳنڍيل رهي. زيد پيرزادو، بغير ڪنهن دعويٰ جي، ان ورثي کي نئين دور جي مسئلن سان ڳنڍي اڳتي وڌائي رهيو آهي.
“مثبت سوچ” انهن مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف وقتن تي مختلف سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. اخبارن ۾ ڇپجندڙ مضمونن جي هڪ وڏي بدقسمتي اها هوندي آهي ته اهي وقت جي وهڪري ۾ وسري ويندا آهن. پر جڏهن اهي مضمون ڪتابي صورت ۾ گڏ ٿين ٿا، ته اهي عارضي راءِ مان نڪري مستقل فڪر بڻجي ويندا آهن. زيد پيرزادو اهو ڪم ڪيو آهي ۽ اها پڻ ۾ هڪ وڏي خدمت آهي.
هاڻي اچون ٿا ڪتاب جي فڪري ڍانچي ڏانهن:
ڪتاب جو سماجيات وارو حصو انتهائي اهم آهي. مضمون جهڙوڪ
”سوچ مختلف ٿي سگهي ٿي، پر منزل ساڳي آهي“
اسان کي اهو سيکاري ٿو ته سماج ۾ اختلاف فطري آهي. مسئلو اختلاف نه آهي، مسئلو اهو آهي ته اسان اختلاف کي دشمن بڻائي ڇڏيون ٿا. زيد پيرزادو دليل ڏئي ٿو ته جيڪڏهن اسان جي منزل انساني ڀلائي، امن، ۽ ترقي آهي، ته پوءِ سوچن جو فرق رڪاوٽ نه، پر طاقت بڻجي سگهي ٿو.
مضمون
”مثبت سوچ، مثبت سماج کي جنم ڏئي ٿي“
اصل ۾ هڪ سماجي فلسفو آهي. هي مضمون اسان کي ٻڌائي ٿو ته سماج فردن جي سوچ مان ٺهندو آهي. جيڪڏهن سوچ منفي هوندي، ته ادارا ڪمزور ٿيندا؛ جيڪڏهن سوچ مثبت هوندي، ته ادارا مضبوط ٿيندا. زيد پيرزادو مثبت سوچ کي خوش فهمي نه ٿو سمجهي، پر ذميوار اميد سمجهي ٿو اهڙي اميد، جيڪا سوال به ڪري ٿي ۽ حل به ڳولي ٿي.
”سنڌ انتهاپسندي کي رد ڪري ٿي“ اڄ جي وقت ۾ هي مضمون انتهائي اهم آهي. جڏهن سنڌ کي بار بار تنگ نظريءَ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، تڏهن اهڙو مضمون تاريخي يادگيريءَ جو ڪم ڏئي ٿو. زيد پيرزادو واضع ڪري ٿو ته سنڌ جي سماجي بناوت، صوفي روايت، ۽ اجتماعي شعور انتهاپسنديءَ سان ٽڪراءَ ۾ آهي. تشدد سنڌ جو مزاج ناهي؛ رواداري سنڌ جي سڃاڻپ آهي.
تعليم بابت لکيل مضمون هن ڪتاب جو سڀ کان مضبوط حصو آهن. ”سنڌ جي تعليمي نظام کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو؟“ ۾ زيد پيرزادو رڳو تنقيد نٿو ڪري، پر سوال اٿاري ٿو: اسان تعليم مان ڇا ٿا چاهيون؟ ڊگريون؟ يا شعور؟ هو استادن جي ڪردار، نصاب جي معنيٰ، ۽ ادارن جي ماحول تي تفصيلي ڳالهه ڪري ٿو. ”
يونيورسٽين ۾ داخلا جي اهميت“ ۾ هو نوجوانن سان سڌي گفتگو ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته يونيورسٽي صرف روزگار جو ذريعو ناهي، پر سماجي سوچ جي ليبارٽري آهي.
”يونيورسٽيون: تعليم، ماحول ۽ تحقيق“ ۾ تحقيق جي کوٽ، غير تنقيدي سوچ، ۽ رٽا سسٽم تي بي لاڳاپو تنقيد آهي ۽ اها تنقيد اسان سڀني لاءِ آئينو آهي. سوشل ميڊيا بابت مضمون هن ڪتاب کي جديد دور سان ڳنڍين ٿا. ”سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال“ ۽ ”ڊجيٽل دور ۾ اخلاقيات“
اڄ جي سڀ کان اهم بحثن مان آهن. زيد پيرزادو سوشل ميڊيا کي نه ديوتا بڻائي ٿو، نه شيطان. هو ان کي هڪ اوزار سمجهي ٿو ۽ اوزار جو دارومدار استعمال ڪندڙ تي هوندو آهي. ادب واري حصي ۾ زيد پيرزادو جي فڪري پختگي وڌيڪ نمايان ٿي وڃي ٿي. رسول ميمڻ جي ناول بابت لکندي، هو نثر جي طاقت کي سمجهائي ٿو.
شاعري بابت لکندي، هو ادب جي عظمت کي تسليم ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت هڪ اهم ڳالهه چوي ٿو ۽ اها ڳالهه مان خاص طور هتي اجاگر ڪرڻ چاهيان ٿو. اسان جي سماج ۾ شاعريءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ اهو فطري به آهي. پر اڄ جي پيچيده سماجي، تعليمي، سياسي ۽ ڊجيٽل مسئلن کي سمجهائڻ لاءِ نثر (Prose) وڌيڪ ضروري آهي. شاعري احساس کي ڇهندي آهي، پر نثر شعور کي ترتيب ڏيندي آهي. شاعري دل کي گرمائيندي آهي، پر نثر ذهن کي منظم ڪندي آهي. سماج جي رهنمائي، تنقيد، پاليسي، ۽ فڪري وضاحت لاءِ نثر بنيادي اوزار آهي.
زيد پيرزادو جو هي ڪتاب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته نثر اڄ به سماج جي سڀ کان اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان تعليم، سوشل ميڊيا، صحت، سياحت، ۽ سماجي قدرن تي سنجيده بحث چاهيون ٿا، ته اسان کي وڌيڪ نثر لکڻ گهرجي اخباري مضمون، فڪري مضمون، ۽ ڪتاب.
ادبي ميلن بابت زيد پيرزادو جون لکڻيون پڻ اهم آهن. هو ادب کي صرف اسٽيج تائين محدود نٿو رکي، پر سماج سان ڳنڍي ٿو. ادب، سندس نظر ۾، ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو ذريعو آهي نه رڳو داد وٺڻ جو.
صحت ۽ صحتمند زندگي بابت مضمون اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته سماجي بهتري جسماني ۽ ذهني صحت کانسواءِ ممڪن ناهي. مثبت سوچ، متوازن زندگي، ۽ سماجي ذميواري اهي سڀ ڳالهيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن.
هاڻي مان هڪ اهم ڳالهه تي زور ڏيڻ چاهيان ٿو: اسان کي اهڙن ڪتابن جي وڌيڪ ضرورت آهي. اسان کي اهڙن ليکڪن جي وڌيڪ ضرورت آهي. ۽ سڀ کان اهم اسان کي اهڙن موضوعن تي لکڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي. اسان جي سماج ۾ اڪثر ماڻهو چون ٿا: ”لکڻ سان ڇا ٿيندو؟“ پر مان چوندس: نه لکڻ سان گهڻو ڪجهه وڃائجي ويندو آهي. لکڻ يادگيري آهي، لکڻ مزاحمت آهي، لکڻ تعمير آهي.
زيد پيرزادو ”مثبت سوچ“ ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته نثر اڄ به زنده آهي، ۽ سماج کي رستو ڏيکاري سگهي ٿي جيڪڏهن نيت صاف هجي.
آخر ۾، مان دل جي گهراين سان پنهنجي دوست زيد پيرزادو کي واڌايون ڏيان ٿو ته هن سنڌي سماج کي اهڙو فڪري تحفو ڏنو آهي، جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ اهم ٿيندو. انور پيرزادو اڪيڊمي کي به جس آهي، جيڪا فڪر، شعور ۽ نثر جي هن روايت کي زنده رکيو پئي اچي.
دعا آهي ته “مثبت سوچ” رڳو پڙهجي نه، پر بحث هيٺ اچي؛ رڳو ساراهه نه، پر عمل ۾ اچي؛ ۽ خاص ڪري نوجوان نسل کي سوچڻ، سوال ڪرڻ، ۽ لکڻ جو حوصلو ڏئي. ڇاڪاڻ ته سماج شاعريءَ سان سُٺو ٿي سگهي ٿو، پر نثر سان سمجهي سگهجي ٿو ۽ اڄ اسان کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي.
(ڪتاب ”مثبت سوچ“ جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيل)