ڪارڪردگي تي مقابلو ڪرڻ واري سياست کي هٿي ملڻ گهرجي

پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي بابت پرڏيهي سفيرن، صحافين ۽ دانشورن کي  ايوان صدر ۾ (جتي موجوده دور ۾ سندس والد آصف زرداري صدر ممڪلت طور ويٺل آهي) تفصيلي جيڪا بريفنگ ڏني آهي تنهن تي سياسي پارلياماني ۽ صحافتي حلقن ۾ وڏو بحث آهي ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي حساب سان ان جو جائزو وٺي رهيو آهي. ان بحث مباحثي دوران هر ڪو اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آخر بلاول ڀٽو زرداري کي  حڪومتي ڪارڪردگي جي اها بريفنگ اسلام آباد ۾ ڇو ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي.  ان حوالي سان جيترا آهن وات اوتريون اهن ڳالهيون. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اهڙو سوال حامد مير به اٿاريو جيڪو ان بريفنگ   ۾ شريڪ به هو ته بلاول ڀٽو جي ان بريفنگ جو بنيادي مقصد ڪهڙو هو. سندس خيال هو ته بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ سنڌ جو مقدمو وڙهڻ ويو هو ۽ ان جو پس منظر 18 هين ترميم واپس وٺڻ ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي وارو معاملو نمايان آهي. جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءَ الله جي جيڪي لاڳيتا بيان ۽ انٽريو اچي رهيا آهن تنهن حامد مير واري اٿاريل سوال کي سنجيده بڻائي ڇڏيو آهي.

رانا ثناءَ الله جو چوڻ آهي ته بلاول  ڀٽو زرداري کي پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جو حق آهي. اسان کي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت ڪا شڪايت ناهي پر شڪايت رڳو اها آهي ته ان کي اها ميٽنگ سيرينا يا ميرٽ هوٽل ۾ ڪري ها ته وڌيڪ بهتر هو. ايوان صدر ته وفاق جي علامت آهي. صدر جو تعلق ڀلي سنڌ سان هجي پر هو پاڪستان جو صدر آهي سو ان قسم جي سرگرمي ايوان صدر ۾ ڪرڻ مناسب ناهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صوبن ۽ وفاق ۾ وسيلن  جي ورڇ جو معاملو گهڻي دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن سبب قرض ۽ وفاق جي خرچن کان پوءِ مرڪز وٽ ڪجهه نٿو بچي جڏهن ته صوبن کي مرڪز کان ئي حصو ملي ٿو، صوبا پنهنجي طور تي جنريٽ نٿا ڪن.

مسلم ليگ (ن)  جي اڳواڻ رانا ثناءَ الله جي ان موقف جي جواب ۾ پ پ جي سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته ڪارڪردگي اسلام آباد آڻڻ سڀني جو حق آهي، پنجاب حڪومت به ڀلي اهڙي بريفنگ ڏي. هن چيو ته صحت، تعليم، ٽيڪس اوڳاڙي، سوشل پروٽيڪشن، امن امان، پاڻي جي کوٽ سميت گهڻن مسئلن تي بلاول ڳالهايو جيڪي عام طور تي ميڊيا نه ٿيون وڃن. هن چيو ته ايوان صدر ۾ بلاول  جي بريفنگ تي رانا ثناءَ الله اسان سان ته ڪو اعتراض ناهي ڪيو. پ پ جي سنيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائرا جو چوڻ آهي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اين ايف سي ۾ وفاق هر سال آمدني جو فقط 45.5  سيڪڙو حصو رکي ٿو جڏهن ته صوبن 57.5 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي ٿو، سو وفاق تي برابر دٻاءُ آهي پر پ پ وفاق ۽ صوبن ۾ متوازن وسيلن جي تقسيم چاهي ٿي تنهن ڪري سياسي  جماعتن کي پاڻ ۾ ڳالهائي نظام کي درست ڪرڻو پوندو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو موقف آهي ته سنڌ سرڪار جي نااهلي ۽ ڪرپشن  اهڙين سوين بريفنگس سان نه لڪنديون. جماعت اسلامي جو موقف آهي ته بلاول جون ترقي واريون دعوائون اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي ان بريفنگ بابت نامياري صحافي ابصار عالم جو وري پنهنجي تجزئي ۾ اهو بهترين نُڪتو اٿاريو آهي ته ان بريفنگ سان مقابلي واري سياست کي فروغ ملي ٿو. عوام کي اهڙين بريفنگ سان  صوبن جي ڪم ڪار جو جائزو وٺڻ جو موقعو ملي ٿو.

اسان به ان خيال جا رهيا آهيون ته سياست ۾ هڪٻئي جي ڪردار ڪشي، ذاتي حملن ۽ نان اشوز تي ڳالهائڻ ۽ تڪرار ڪرڻ بجاءِ عوام جي آڏو هر جماعت پنهنجي ڪارڪردگي رکي. باقي فيصلو ته هونئن به عوام کي ئي ڪرڻو آهي. پر ان روايت کي بهرحال هٿي ملڻ گهرجي. پنجاب جي پهرين خاتون وزيراعليٰ بڻيل مريم نواز ان حوالي سان سٺي شروعات ڪئي آهي ته اها پنهنجي ڪارڪردگي بابت روز ميڊيا تي اچي بريفنگ ڏيندي آهي. سندس روز روز جي ان بريفنگ جو ممڪن آهي ته پ پ به اتساهه ورتو هجي اها به پنهنجي صوبي جي ڪارڪردگي پيش ڪري. جيڪڏهن ايئن آهي ته اسان ان مقابلي کي صحتمند سمجهنداسين ۽ ان جي آجيان ڪنداسين. مخالف ڌريون يا جماعتون يقينن هڪٻئي جي ڪارڪردگي کي نه مڃينديون ۽ ان تي تنقيد ڪنديون جيئن ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن بلاول ڀٽو جي ڪارڪردگي رپورٽ کي حقيقت جي ابتڙ ڄاڻايو آهي پر پنهنجو خيال اهو آهي ته انهن کي به اهڙين بريفنگ يعني ڪارڪردگي پيش ڪرڻ واري رجحان جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني کي پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي پوءِ حڪومتي هجي، پارلياماني هجي يا مخالف جماعت طور هجي سا عوام جي آڏو لازمي طور رکڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو  زرداري جي بريفنگ جي حوالي سان جيڪو ٻيو نُڪتو نروار ٿيو آهي سو وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مالي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ واري آهي جنهن بابت پ پ جو موقف  هوندو  آهي ته صوبن کي ان معاملي ۾ وڌ ۾ وڌ  اختيار ملڻ گهرجن جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو  وري اهو خيال هوندو آهي جنهن جو اظهار رانا ثناءَ الله ڪندو آهي ته پوءِ وفاق وٽ ڪجهه نٿو بچي تنهن ڪري صوبن جي مالي حصن مان ڪجهه ڪٽوتي ڪجي ته جيئن وفاق جي مالي حصي ۾ واڌ ٿئي.

اسان جو ان حوالي سان هميشه کان اهو خيال آهي ته پاليسيون وقت ۽ حالتن سان تبديل ٿينديون رهنديون آهن. پهريون ته  آئين ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان ڇا طئي ٿيل آهي تنهن تي سئو سيڪڙو عمل ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪو  بحران نه ٿئي پر جيڪڏهن آئين ۾ ان حوالي سان ترميم ڪرڻ جي ضروت آهي ته گڏيل اتفاق قائم ڪيو وڃي پر ان لاءِ ڳالهيون ضروري آهن جنهن عمل کي پڻ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. مطلب ته سياست عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪرڻ گهرجي پر هتي صرف ۽ صرف پارٽي مفادن کي ڏٺو ويندو آهي ۽ ان دائري اندر ئي سياست ڪئي ويندي آهي جنهن ڪري سياست جو معيار ڪري پيو آهي ۽ غير عوامي سياست جو رجحان وڌندو وڃي ٿو جنهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.