صوبن جا وسيلا صوبن جي عوام حوالي ڪرڻا پوندا:محمود اچڪزئي

مانجهند(رپورٽ: بابو يوسف عمراڻي)سن ۾  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد  جي 122 هين سالگرهه سنڌو درياهه ڪناري تي سالگره گرائونڊ تي ملهائي وئي  سالگره تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪئي سيد جي سالگره جو ڪيڪ ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاه تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي  چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي  اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، سيد منير حيدر شاھ ،جونيئر سائين جي ايم سيد، سارنگ مرتضي شاھ، روشن علي ٻرڙو ۽ ٻين ڪاٽيو،جلسي کي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي شهر سن ۾ ڪافي وقت کان پوءِ موقعو مليو آهي بدقسمتي سان  پاڪستان ٺاهيندڙن ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي جيل ۾ وڌو ويو سيد حيدر بخش جتوئي بزنجو سميت ٻين محب وطن سياستدانن ملڪ جي بهتري لاءِ قدم کنيا ته سرڪاري مسلم ليگ ٺاهي عوامي ليڊرن کي جيل وڌو ويو ملڪ نه اسلامي آهي نه ئي جمهوري آهي اسلام کي به قيد ڪيو ويو آهي 79 سال کان هلندڙ ملڪ نه خيرات ۾ مليو نه ئي زڪوات ۾ مليو هو هزارين ماڻهن جي قرباني شامل آهي محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ هلائڻ جو نسخو اهو آهي ته سنڌ سميت صوبن جون نعمتون وسيلا قومن حوالي ڪرڻا پوندا ھن ملڪ ۾ آقا ۽ غلام جو سرشتو هلندڙ آهي عوامي ووٽ جي حڪمراني سان ملڪ بچي سگهندو ملڪ فوج ۽ ايجنسي کان سواءِ نه هلندو پر اهي آئيني طرز تي هلن فوج سياست ۾ حصو نه وٺي  ۽ حدون ڪراس نه ڪري دهشتگردي ۽ بندوق جي زور تي ووٽ کسيو ويو آهي،هن چيو ته  جي ايم سيد ۽ گانڌي انگريزن جي نيڪالي جو مطالبو صرف ان ڳالھ جي ڪري ڪيو ته  کين حق حڪمراني ملڻ گهرجي باقي انگريز دور ۾ ترقي ۽ ٻيون ضرورتون پوريون پئي ڪيون فوج سميت هر اداري ۾ صوبن جو حصو هئڻ گهرجي عمران خان کي بنا جواز جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي 8 فيبروري تي جعلي حڪومت خلاف سڄي ملڪ ۾ شٽر بند  ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي انگريز جا بوٽ پالش ڪندڙن کي ملڪ ۽ صوبن ۾ اقتدار سان نوازيو ويو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي ناڪابندي ۽ رڪاوٽ سبب ٻيڙي ۾ چڙهي سن پهتو آهيان اسان قومي ڪارڪن سائين جي ايم سيد جي سحر مان نڪري نه سگهيا آهيون جنهن محبت سبب هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون هن چيو ته حڪومت جي رڪاوٽ کان اڳ 2 مهينا اڳ سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ذريعي سندن رستا روڪ لاءِ  سرڪاري ۽ مذهبي اڳواڻن ذريعي وڏي عرصي کان حربا استعمال ڪيا ويندا آهن پر سڀني الزامن کي پٺي ڏئي پنهنجو رستو اختيار ڪيو اسان جو رستو حسيني آهي سيد زين شاه وڌيڪ چيو ته ملڪ قيد خانو بڻايو ويو آهي بينظير جي حڪومت ۾ سيد تي سکر ۾ ڪيس داخل ڪري قيد ڪيو ويو پ پ جي ڊمي چيئرمين سنڌ جي آباد ٿيل زمين کي بنجر ڪرڻ لاءِ ڪمپني سرڪار کي پاڻي زمينون وسيلا ڏيڻ جون ڳالھيون ڪيون ملڪ جي حڪمرانن جا پاڙيسري ملڪن سان تعلقات خراب آهن جيڪڏهن ائين ملڪ هلائڻو آهي ته مينار پاڪستان جي ڪهڙي ضرورت آهي کيس ٽوڙيو وڃي پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ آندي وئي آهي جنهن سان ملڪي سلامتي خطري ۾ آهي ايس آءِ ايف سي اسيمبلي مان پاس ڪرائي سمورا وسيلا هڙپ ڪيا ويا آهن 8 فيبروري تي ڀرپور طريقي سان ڦيٿا روڪ ۽ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي،هن چيو ته  اسان تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سان گڏ جدوجهد ڪنداسين،پر اهي اسان کي گڏ هلڻ نه ڏينداسين،اسان سائين جي ايم سيد کي رڳو ٻه ٽي ڀيرا ڇه مهينن لاءِ آزاد ڏٺو،هن چيو ته هن ملڪ کي قيد خانو بڻايو ويو آهي،پاڪستان گوانٽانامو بي کان گهٽ نظر نه پيو اچي،هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڊمي چيئرمين ٽي ڪلاڪ تقرير ڪئي،صحت ۾ بهتري جا دعويدار ٻڌائين ته 1300 بيسڪ هيلٿ يونٽن مان هڪ ماڊل يونٽ ٻڌائين،ڪا ضلعي اسپتال هجي ته اسان کي ٻڌايو،انهن جو ڪو به ڪريڊٽ ناهي،اسان سان ڪمپني سرڪار زيادتي ڪري رهي آهي،جن کي زمينون کپن،سمنڊ کپي،هن چيو ته توهان جي غلط پرڏيهي پاليسي جي ڪري افغانستان ۽ ڀارت سان لاڳاپا خراب آهن،ايران ۾ ڳنڀير صورتحال ۾ اڄ توهان جوڪو رول ناهي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پ ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد قيصر چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگره تي پهريون ڀيرو آيو آهيان کيس ملڪ جو ٻچو ٻچو سڃاڻي  اسان جي علائقي ۾ سيد خلاف پروپئگنڊا ٿيڻ سبب خدشا هئا پر ھن ملڪ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي هاڻي محسوس ٿيو آهي ته سيد ۽ باچا خان جو قوم قدر نه ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ سول بالادستي هئڻ گهرجي،چونڊن ۾ نوازشريف هارايو آهي،هن اسيمبلي 26۽ 27هين ترميمن سميت ڪيترائي قانون پاس ڪيا آهن،ڪو هڪ بل ٻڌايو جنهن ۾ عوام لاءِ رليف هجي؟قانون سازي رڳو اسٽيبلشمينٽ ۽ اشرافيه جي فائدي لاءِ ٿي آهي،هن چيو ته بلاول اسلام آباد ۾ ٽي ڪلاڪ تقرير ڪئي مون ته ڪراچي ۾ ڀڳل ٽٽل روڊ ڏٺا آهن،هتي پورهيتن ۽ هارين جو استحصال پيو ٿئي،هن چيو ته سنڌ،بلوچستان ۽ ڪي پي  ۾ بي چيني آهي،اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ٿي رهي آهي،اسان پنهنجي ملڪ ۾ بدامني نٿا چاهيون،هن چيو ته اسان کي بند ڪمرن ۾ فيصلا منظور ناهن،ايس يو پي جي سنڌ ڌرتي سان جيڪا ڪمٽمينٽ آهي ان تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا،اسان 73ع واري آئين جي بحالي چاهيون ٿا،صوبائي حقن تي ننڍن صوبن جي تحفظات جو خاتمو چاهيون ٿا،سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي،عمران خان حڪومت ۾ آيو ته سنڌ جي محرومين جو خاتمو ڪندو،پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرور سيال چيو ته سائين جي ايم سيد جي شخصيت رڳو سنڌ تائين محدود ناهي،سائين جي ايم سيد ته محبت جو پيغام عالم انسانيت لاءِ ڏنو آهي، سائين جي ايم سيد جي نظرئي کي 50 سال ٿي ويا آهن،سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي پاڪستان کي وجود ۾ آندو،پوءِ اهڙو ڇا ٿيو ته پاڪستان جي بانين کي غداري جا لقب مليا؟ مجلس وحدت المسلمين جي  اڳواڻ راجا ناصر عباس چيو ته سنڌ ڌرتي جي عظيم انسان سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن تي شرڪت تي خوشي ٿي آهي سنت جا قانون بدلجندا ناهن ظلم خلاف اکيون بند ڪرڻ سان نجات نه ملي سگهندي قانون جي حڪمراني عدل انصاف جو معاشرو نه ٿي سگهيو آهي نئين سماجي معاهدي لاءِ گڏ ٿئڻو پوندو ايس يو پي جي سينئر وائيس چيئرمين روشن علي ٻرڙو چيو ته سيد جي سالگره ملهائڻ جو مقصد هو ته ڪارڪن گڏ ٿيڻ سرڪار اسان جي ڪارڪنن فلڪ شير اوڏ سهيل قريشي سميت سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو چيو ته سيد جي سالگره تي پوليس حرڪت ۾ اچي ويندي آهي تاثر اهو ڏنو ويندو آهي ته ڪا وڏي بغاوت ٿي وئي آهي جي ايم سيد جو تعارف ڪرائڻ جي ضرورت ناهي قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو چيو ته سائين جي ايم سيد تمام وڏو سياستدان هو سندس ۽ پليجي جو اسڪول آف ٿاٽ ڪاميابي سان هلي رهيو آهي سنڌ ساگر پارٽي جي مومن ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته سيد جي سالگره جو ڏهاڙو سورج وانگر چمڪندڙ آهي سيد اصول تحت قوم کي متحد ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي نائب صدر سيد منير حيدر شاھ چيو ته سيد هڪ فلسفو آهي جنهن سنڌ سميت مظلوم قومن کي آزادي جو نعرو سمجهايو سيد جون سڀ اڳڪٿيون سچ ثابت ٿيون آهن سيد جي سالگره تي عوام سموريون رڪاوٽون توڙي سن پهچن ٿا ايس يو پي ليڊيز ونگ اڳواڻ ميڊم ياسمين ٿيٻو چيو ته سيد جي سالگره جو ڏهاڙو قوم لا۽ عيد جو ڏهاڙو آهي سيد جي صورت ۾ سنڌ سجاڳ آهي جلسي کي امير آزاد پنهور پڻ خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.