اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي مان ڪٽوتي نه ڪرڻ گهرجي:مراد علي شاهه

سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالھ پنهنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته دهشتگرد ٻيھر ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ملڪ کي ڪنھن به طريقي سان نقصان پهچائين. اڄ کان ٻه هفتا اڳ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي مواد برآمد ڪيو ويو آهي. وڏي وزير خبردار ڪيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا خدشا اڃا به موجود آهن ۽ دھشتگردي کي سڀ ادارن سان گڏجي شڪست ڏيڻي آهي. هن اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان چيو ته نيشنل فنانس ڪميشن ٺهي چڪو آهي ۽ ان تي بحث جاري آهي. مختلف صوبن جون الڳ الڳ تجويزون آهن. پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته صوبن جو حصو نه ڪٽجي  ۽  سڀني صوبن کي سندن جائز حصو ملڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته ايف بي آر کي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ واڌارو ڪرڻو گهرجي. جيڪو فيصلو  ملڪ جي فائدي ۾ هوندو، پيپلز پارٽي ان جي حمايت ڪندي. سيوهڻ ۾ لال شھباز قلندر جي سالياني عرس مبارڪ جي انتظامن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته هو ذاتي طور عرس جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ پانڌيئڙن کي هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيون وينديون. دادو ۾ نادر جمالي ڪيس بابت ۾ هن چيو ته ان ڪيس جي نگراني گهرو وزير ڪري رهيو آهي ۽ شفاف تحقيقات کي يقيني بڻايو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاھ پنهنجي والد ۽ والده جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي دعا گهري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.