اکڙيون منھنجون آھن انصاف جي اوسيئڙي ۾!

ڊاڪٽر ام رباب چانڊيو

دنيا جي ھن جھان ۾ ڏُک سُور زندگيءَ جو حصو آهن. ساڳئي طرح سُک ۽ خوشيون به جيون جو حصو آھن. پر دنيا جو مثال درياءَ وانگر آھي، ۽ زندگي ڄڻ ته ٻيڙي ھجي، جنھن ۾ ڏکن ۽ سُکن جو سامان کڻي پاڻ زندگي گذاريندا رھون ٿا. اھو سڀ ڪجهه ته معمول جو حصو آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن اسانجي زندگيءَ ۾ اھڙا گھاءَ، صدما ۽ سانحا پيش اچن ٿا، جو زندگيءَ جون سڀ خوشيون ختم ٿي وڃن ٿيون. اھڙي ڪنھن به ڪيفيت ۾ انسان کي وڌيڪ تڪليف مان ان وقت گذرڻو پوي ٿو، جڏھن سڄو معاشرو بي رحم بڻجي پوي ٿو، ۽ سڄو نظام زخمن تي لُوڻ ٻرڪڻ لڳي ٿو. خاص طور تي اسانجي معاشري جي ڪجهه اھڙي ئي صورتحال آھي، جنھن ۾ ڪمزور پيڙجھندو رھي ٿو، ۽ ڏاڍا مڙس، وحشي، قاتل ۽ جلاد پوري وڏائي ۽ تڪبر سان ظلم جو سلسلو جاري رکندا اچن ٿا. اھڙي صورتحال ۾ ھر حساس دل ماڻھوءَ جو ھانءُ ڇڄي پوي ٿو، ۽ انھن ماڻھن ۾ قوم جي ھيءَ مظلوم نياڻي به شامل آھي.

حقيقت هيءَ آھي ته 15 جنوري منهنجي والد شھيد جو جنم ڏڻ آھي، جنهن ڪري آئون ۽ سڀ فيملي ميمبرن سالگره جي خوشي پئي پسي ته 17 جنوري 2018ع جي تاريخ تي نه صرف منهجي والد کي (جيڪو سرداري نظام جي خلاف هڪ جدوجهد ڪرڻ وارو هو. نوابن ۽ ڀوتارن جي غلاميءَ جي زنجير ۾ جڪڙيل عوام کي آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو ڀرجھلوهئو) بلڪه اُن مشن ۾ ان جا ٻانهن ٻيلي بڻيل  منهنجي چاچي ۽ ڏاڏا صاحب کي به وڏي بيدرديءَ سان گولين جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيو ويو، ۽ پوءِ ڄڻ ته اسانجي خاندان کي ھر پل ھڪڙي قيامت مان گذرڻو پيو، جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھي.

مونکي افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته تقريبا اٺ سال گذرڻ جي باوجود بحيثيت هڪ مظلوم سنڌ جي نياڻيءَ جي، آئون ھڪ نياڻي ٿي ڪري انصاف جي حُصول لاء عدالت سڳوري جا مسلسل اٺن سالن کان چڪر پئي ڪاٽيان   اِن انصاف جي اوسيئڙي ۾ ته يقينن منھنجو خدا  ھڪ ڏينھن سنڌ جي مون مظلوم نياڻيءَ  تي پنھنجي ٻاجهه ۽ ڪرم سان گڏ  انھن جج  صاحبان جي دل ۾  الله پاڪ اھيو  نيڪ خيال ضرور آڻيندو ته مون مظلوم نياڻي سان ٿيل انتھائي ڀيانڪ ظلم جو بدلو وٺي انصاف جون  تقاضائون پنھنجي ٻاجهه سان  پوريون  ڪرائي. پروردگارِ عالم انصاف مُھيا ڪندڙ عدالتن کان  انھن ظالم سردارن، ڀوتارن ۽ پاڻ کي زميني خدا سمجھندڙن کي، ۽ اُھي سردار ڀوتار جيڪي سنڌ، ۽ سنڌي عوام لاء ناسور بڻيل ۽ باشعور سنڌي عوام جي خوشحالي ۾ رڪاوٽ بڻيل، فرعوني ذھنيت جي مالڪن کي اھڙو عبرتناڪ سبق ڏياريندو، جنھن  سان يقينن اسان جي وطن ۾ عدالتن سڳورين کي ھڪ نئين  طاقت ملڻ سان گڏ عدالتن سڳورين  تي ڀرپور اعتماد ٿيو پوندو، ۽ خاص ڪري اسان جي سنڌ سڳوريءَ ۾  سردارڪي ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف کنيل علمِ بغاوت جو سر بلند ٿيندو، پر الئہ جنابِ معزز جج صاحبان آخر اھڙي ڪھڙي وجهه آھي، جو مون مظلوم نياڻيءَ سان انصاف ڪرڻ ۾ ايتري دير ٿي آھي. جڏھن ته انصاف ۾ دير انصاف جي قتل برابر آھي.

آخر قانون ظالم قاتل درندن جي گرفت ڇو نٿو ڪري؟ ڪنهن جي دلي دردن جو احساس ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ آخر مظلومَ کي انصاف جي آسرن ۾ رهائي ڇو پيڙهيو وڃي ٿو؟ ڇو ڪنهن جي جذبن سان کيڏي ڪري تنگ ڪيو ٿو وڃي؟ هي ڳالھ ذهن نشين ڪريو ته مصيبت ۽ ظلم  ڪنهن به انسان  تي جيترو به زيادہ مڙهيو ويندو آھي، اهو انسان اوترو ئي مضبوط ۽ پنھنجي بھادري، جُرئت سان جيئڻ وارو ٿيندو آھي ياد رکو وقت جا يزيد ظالم ۽ جابرو آئون جهدِ مُسلسل تي يقين رکان ٿي. ظالم جابر ۽ بي رحم نظام خلاف ميدان تي رھڻ کي راہِ حُسيني  سمجهان ٿي. انشاء الله نه جھڪبو، نه ٿڪبو، نه پوئتي ٿِبو. پنهنجي حق ۽ انصاف جي حُصول لاءِ قانونَ جي دائري ۾ جنگ جاري رکبي.

مان آخر ۾ ايترو ضرور چونديس ته ھڪ عدالت جج صاحب جي آھي، ۽ اھا ملڪ جي عدالت آھي، جنھن مان انصاف جي اُميد ڪريان ٿي. ٻي عدالت عوام جي آھي، جنھن کي خلقِ خدا جي ڪورٽ چوندا آھيون، ۽ اُن مان به مون کي حق ۽ انصاف جي پوري پوري اُميد آھي. سڀني عدالتن کان وڏي عدالت خدا جي آھي، جنھن مان ناانصافيءَ جو تصور به ڪري نٿو سگھجي. بيشڪ ظالمن کي ڊگھو رسو ڏنل آھي، پر ھر نمرود، يزيد، فرعون، ۽ شمر جي پڪڙ به ضرور ٿيڻي آھي. بيشڪ خدا بھتر انصاف ڪندڙ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.