هيڏا روڊ ٺهي ويا، اکيون کولي گهمو: نثار کهڙو

بدين (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) سنڌ جي ھارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، ايم آر ڊي تحريڪ جي سرواڻ شھيد عوام محمد فاضل راھو جي 39 هين ورسي راهوڪي ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ورسي جي تقريب جي جلسي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ اکيون کولي گهمي ڏسو، بدين کان مٺي تائين پهريان روڊ ڪٿي هو؟ اسان ڪم نٿا ڪيون ته اليڪشن ڇو ٿا کٽيون،  اسان سهيل آفريدي کي ٽوپي ۽ اجرڪ پارائي عزت ڏني پر هن عزت مان نه ڄاتو، اسان سنڌ جا حق گهرون  ٿا، هن چيو ته فاضل کي اسان سب سورمو سڏيندا آهيون سنڌ تان سر قربان ڪندڙ کي هر وقت ياد ڪريون ته جيئن هن جون يادون دلين ۾ زنده رهن شهيد بينظير ڀٽو به سنڌ جي سورمي هئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اکين آڏو ڦاهي جو ڦندو ڏسي به سندس حوصلا بلند هئا هن چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ به مڃي ٿي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل عدالتي قتل هو شهيد فاضل راهو ون يونٽ خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي سنڌ ان جي احسان مند آهي، سنڌ جي ورهاست قبول ناهي، محمد فاضل راهو جي  پٽ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته شهيد محمد فاضل راهو هارين مقامي ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهيو هر آمر ۽ جابر سان مهاڏو اٽڪائيندي فاضل معاشي سماجي ۽ سياسي حقن کان محروم ماڻهن لاءِ وڙهيو جن ماڻهن سان سماج نفرت ڪئي شهيد فاضل راهو انهن ماڻهن سان مليو انهن کي عزت ۽ احترام ڏنو انهن کي گلي لڳائي پاڻ سان گڏ وھاريو، پيپلزپارٽي سنڌ جي هر مسئلي تي سنڌ جو تحفظ ڪيو آهي سنڌ جي تقسيم ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.