ڪراچي کان جيواڻي ويندڙ ڪوچ حادثي جو شڪار، 10 ڄڻا فوت

حب (رپورٽ: يار محمد بروهي) گوادر ۾ هڪ مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا،  ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پوليس موجب، حادثو گوادر جي هڏ ڳوٺ علائقي ۾ پيش آيو، جتي تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪنٽرول وڃائي ويٺي اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 10 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب، مسافر ڪوچ ڪراچي کان جيوڻي وڃي رهي هئي، حادثي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ريسڪيو عملدارن موجب زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.