سن(ن ع آ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودوديشي۽ ٻين اڳواڻن شيبر جمالي منصور قادر جوڻيجو.. علي حيدر ڀٽي. بلاول سرگاڻي جي اڳواڻي ۾ رھبر سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن نڇاروڪري دعا گھري. سيد جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو دودوديشي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد عظيم قوم پرست ۽ سچ جو علمبردار هو، جنهن پنهنجي سڄي حياتي سنڌ وطن، سنڌي قوم، ان جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ سان بي مثال محبت ۽ وفاداري ۾ گذاري. سائين جي ايم سيد جي شخصيت، سياست، جدوجهد، مطالعو ۽ فڪر سنڌي قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي،هن چيو ته سنڌ امن، محبت ۽ پيار جي ڌرتي آهي، پر منظم نموني قبائلي تڪرارن کي هٿي ڏني پئي وڃي هن ڪارڪنن جي گرفتار يون ۽ قافلن جي رستا روڪ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي