حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي جي او آر ٿاڻي جي حد ايگريڪلچر ڪامپليڪس جي ويجھو لاشاري ھوٽل جي ڀرسان گھات ھڻي ويٺل اڻڄاتل ھٿياربندن پوليس اھلڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ اھلڪار لياقت زنگيجو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته ھٿياربند فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، واقعي سبب علائقي ۾ سخت ڏھڪاءُ پکڙجي ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي وئي، جنھن مقتول اھلڪار جو لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد پھچايو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني ٿي سگھي ٿو، واقعي جي ھر رخ کان جاچ جاري آھي. مقتول اھلڪار قاسم آباد جي نسيم نگر ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندو ھو.