سامارو: آپگهات قرار ڏنل ناري کي تشدد ڪري قتل جو انڪشاف

سامارو ( ن ع آ ) سامارو لڳ هڪ هفتو اڳ مبينا خودڪشي ڪندڙ اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي کي بي دردي سان تشدد ڪري  مڻڪو ڀڃي قتل جو انڪشاف، ڳوٺ فتع محمد خاصخيلي ۾ هفتو اڳ ڪولهي برادري جي رهواسين اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي گوري ڌيءَ ڪانجي کي وارثن پيءُ ڪانجي مرڻينگ حالت ۾ دورا پوڻ جو ئي گوري جي طبيعت چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال سامارو آندو جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر گوري جي فوتگي جي تصديق ڪئي اطلاع تي سامارو پوليس تعلقي اسپتال پهچي پيءُ کان معلومات ورتي ان دوران پيءُ پوليس کي ٻڌايو ته گوري کي مرگهي جا دورا پوندا هئا اڄ کٽ تان ڪرڻ ڪري مڻڪو ٽٽي پيو، جڏھن ته ماءُ ٻڌايو ته گوري خودڪشي ڪئي آھي وارثن جي تڪراري بيانن کان پوءِ لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرايو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب گوري جي موت واري ڏينهن سندس گهر ۾ ويجهي عزيز ( ن ) ( پ ) ڪولهي گوري کي غير ماڻھو سان گڏ ڏسي ورتو جنهن تي مذڪوره شخص گوري تي تشدد ڪري مڻڪو ڀڃي قتل ڪري لاش ٽنگي خودڪشي جو ڊرامو ڪيو، سامارو پوليس واقعي واري هنڌ لانڍي کي سيل ڪري وارثن کي ڪيڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو، پوليس موجب جزا ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آھن جنهن بعد وڌيڪ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.