بلوچستان ۾ وڻ وڍڻ تان نادر مگسي جو ويجهو مائٽ قتل

جيڪب آباد (ڊ ر) بلوچستان جھل مگسي ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن پاران وڻ وڍڻ جي ڳالھ هتان پ پ ايم پي اي نادر مگسي جو ويجھو عزيز پنجڪ يونين ڪائونسل جو چيئرمين مير آصف ڀوٿاڻي مگسي قتل ٿي ويو، سندس ٻه پٽ امير حمزه مگسي، حسن علي مگسي زخمي ٿي پيا،  اطلاع تي ايس ايڇ او جھل مگسي سڪندر علي مگسي پوليس فورس ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي ويو لاش ۽ زخمين کي کڻائي ڳوٺ پنجڪ پھچايو، واقعي کان پوءِ ضلعي جھل مگسي پڻ  خوف پکڙجي ويو، پ پ ايم پي اي  نادر مگسي آمريڪا ويل آھي ۽ پ پ ايم اين اي عامر مگسي اسلام آباد ويل آھي، جڏھن ته ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون، جھيڙي کي ٽارڻ لاءِ  جھل مگسي جو ايم پي اي مير طارق خان ڀوتاڻي مگسي، مير ظفر خان ڀوتاڻي مگسي ۽ جھل مگسي جو تلقي چيئرمين مير جعفر خان ڀوتاڻي مگسي ڌرين وٽ ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ پهتا، پوليس فورسعلائقي کي پڻ ڪڙو چاڙهي  ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.