سنڌ جو وجود سنڌو درياهه سان لاڳاپيل آهي. رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو نه، پر هڪ مڪمل تهذيب، معاشرت، سڃاڻپ ۽ معيشت طور. سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌو درياهه نه صرف حياتيءَ جو ذريعو رهيو آهي، پر ان تي هر تحريڪ، هر احتجاج ۽ هر مزاحمت، سنڌ جي جياپي ۽ مستقبل لاءِ جدوجهد جو ترجمو رهي آهي. هي جدوجهد رڳو هارين ۽ پورهيتن جي حقوق تائين محدود نه رهي، پر سنڌ جي وسيلن، زمينن، وسيلن ۽ پاڻمراديءَ جي حفاظت لاءِ هڪ سماجي شعور پيدا ڪيو آهي، جيڪو هر دور ۾ پنهنجي ضرورت ۽ وقار سان ابھري ٿو. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي چوٿين ورسيءَ جي موقعي تي ٿيل سنڌ پاڻي ڪانفرنس به ان ئي تسلسل جو حصو آهي. هي ڪا علامتي گڏجاڻي نه، پر سنڌ جي وسيع سماجي، سياسي ۽ علمي قوتن جو گڏيل موقف آهي، جنهن ۾ ترقي پسند، قومپرست، هاري اڳواڻ، صحافي، وڪيل، پاڻي ماهر ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا حصو ورتو. هن ڪانفرنس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واضح لفظن ۾ پيش ڪيو ويو ته سنڌو درياهه تي ڪنهن به نئين ڊيم يا ڪئنال جو تصور، سنڌ جي نظر ۾ قبضي برابر آهي، ۽ اهڙا سڀ منصوبا ناقابل قبول آهن. هي رڳو جذباتي نعرا يا سياسي مبالغي آرائي نه آهي، پر حقيقتن، انگن اکرن، سائنسي رپورٽن ۽ تاريخي تجربن تي ٻڌل موقف آهي. سنڌو درياهه جو پاڻي جڏهن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ڇوڙ نه ٿو ڪري، تڏهن ان جا نتيجا رڳو ڪاغذن تائين محدود نه رهندا، پر زمين ڳڙڪائڻ، ڳوٺن جي بربادي، لڏپلاڻ، تمر جي ٻيلن جي تباهي، زراعت جي نقصان ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جي صورت ۾ سامهون ايندا آهن. موجوده انگن اکرن موجب سمنڊ اڄ تائين ٽيهه لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، جيڪو رڳو انگن ۾ محدود نه، پر انساني الميو آهي، سماجي بحران آهي ۽ ماحولياتي تباھيءَ جو سبب آهي.
ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جو مقام ۽ اهميت به ان پسمنظر ۾ سمجھڻ گهرجي. هو رڳو هارين جو اڳواڻ نه، پر هڪ فڪر، هڪ آواز ۽ هڪ تحريڪ هو، جنهن جو مرڪزي مقصد سنڌ جي هارين، پورهيتن ۽ عوام جي بنيادي حقن جي حفاظت ۽ جدوجهد هئي. سندس سڄي زندگي سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ۽ آباديءَ جي تحفظ لاءِ وقف رهي. سندس ورسيءَ جي موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ سنڌ هاري هلچل تحريڪ جي اڳواڻن جڏهن سنڌو درياهه، پاڻي، زمين ۽ هارين جي حقن تي ڳالهه ڪئي، ته اهو ماضيءَ جي يادگيري سان گڏ مستقبل جي رٿابندي پڻ هئي، جيڪو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شعور کي مضبوطي ڏئي ٿو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئيءَ جو چوڻ ته سنڌو درياهه ست ڪروڙ سنڌين جو وجود، تهذيب ۽ جياپو آهي ڪا مبالغي آرائي نه، پر هڪ حقيقت آهي. جڏهن پنجاب طرفان پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، ته ان جو مطلب صرف صوبائي تڪرار نه، پر آئين، قانون ۽ بين الاقوامي پاڻيءَ جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ طاس معاهدو، 1991ع جو پاڻي ٺاهه يا بين الاقوامي پاڻيءَ جا اصول، سڀني ۾ سنڌ کي هيٺاهين علائقي هجڻ جي ناتي پهريون حق حاصل آهي، پر عملي طور سنڌ کي پنهنجي حصي جو جائز پاڻي نه ملي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌي عوام احتجاج ڪري ٿو، مزاحمت ڪري ٿو يا پنهنجي وسيلن تي حق جي ڳالهه ڪري ٿو، ته ان کي ضد يا سياست سان تشبيهه ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي.
نامياري پاڻي ماهر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر چيو ته سنڌ جي جر جو 85 سيڪڙو پاڻي اڳ ۾ ئي کارو ٿي چڪو آهي، جيڪو پيئڻ لاءِ زهر بڻجي رهيو آهي. عالمي قانون موجب هيٺاهين علائقن کي ترجيحي حق حاصل آهي، پر سنڌ کي نه عالمي قانون موجب، نه ئي ملڪ اندر طئي ٿيل قانونن مطابق حق ملي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي عوام جي آواز کي دبائڻ، انهن جي حقن کي محدود ڪرڻ، ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ، سنڌ جي آزاديءَ ۽ وجود تي وار آهي. سنڌ پاڻي ڪانفرنس ۾ اهو به خدشو ظاهر ڪيو ويو ته جيڪڏهن سمنڊ جي اڳڀرائي کي روڪيو نه ويو، ته حيدرآباد تائين سمنڊ پهچي سگهي ٿو. هي خيال خيالي نه، پر سائنسي بنيادن تي ٻڌل آهي. انڊس ڊيلٽا جي تباهي، تمر جي ٻيلن جو ختم ٿيڻ، ۽ ساحلي پٽيءَ مان لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ اڳ ۾ ئي هڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته انهن لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي اڃا تائين رجسٽرڊ نه ڪيو ويو آهي، ۽ انهن کي مستقل رهائش جا مالڪاڻا حق به نه مليا آهن، جيڪو هڪ سنگين سماجي ۽ انساني بحران آهي. ڪانفرنس ۾ مختلف سياسي، قومي ۽ ترقي پسند ڌرين جو گڏيل موقف ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ جو مسئلو ڪنهن هڪ جماعت يا تنظيم جو نه، پر سموري سنڌي سماج جو گڏيل مسئلو آهي. عوامي ورڪز پارٽيءَ جي اڳواڻ بخشل ٿلھو چيو ته سنڌ جي مزاحمت جو رستو پرامن آهي، پر ضرورت پئي ته ٻٻرلوءِ جهڙي مزاحمت به ٿي سگهي ٿي. اهو اشارو آهي ته سنڌ جو صبر لامحدود نه آهي، ۽ جڏهن وجود تي وار ٿيندو، ته ردعمل خودبخود سامهون ايندو.
اسان جو خيال آهي ته سنڌ پاڻي ڪانفرنس جهڙيون گڏجاڻيون صرف علامتي نه هئڻ گهرجن، پر انهن مان نڪرندڙ ٺهرائن تي عملي قدم کنيا وڃن. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ، سنڌ طاس معاهدي ۽ 1991ع پاڻي ٺاهه تي مڪمل عملدرآمد، ساحلي علائقن جي بحالي، تمر جي ٻيلن جي واڌ، ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي حق ڏيڻ جهڙا قدم وقت جي اهم ضرورت آهن. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جهڙا ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ ان ڪري زندهه رهندا، جو هنن سوال اٿاريا، آواز بلند ڪيو ۽ حق لاءِ جدوجهد ڪئي. اڄ جڏهن سنڌ کي پاڻي، زمين، وسيلن، اظهار ۽ خودمختياريءَ جا سنگين چئلينج درپيش آهن، تڏهن اهڙن ڪردارن جي ياد صرف تعظيم نه، پر ذميواري به آهي. ذميواري اها ته سنڌو درياهه کي رڳو وهڻ ڏيون نه، پر سنڌ جي زندگي، تهذيب ۽ مستقبل کي به وهڻ ڏيون.
سنڌو درياهه ۽ سنڌ جا هاري رڳو وسيلن جا مالڪ نه، پر سنڌ جي شعور، وطن ۽ ثقافت جا پاسدار آهن. جڏهن ته وفاقي ڍانچو ۽ سياسي قوتون صوبائي اختيارن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، تڏهن سنڌ جو احتجاج، مزاحمت ۽ آواز رڳو حقن جي حفاظت جو ترجمو نه، پر سنڌي وجود جي بقاءُ جو ترجمو بڻجي ٿو. اسان جو يقين آهي ته هي جدوجهد پرامن، شعوري ۽ عوامي رستي سان اڳتي وڌندي، سنڌ جا هاري ۽ پورهيت پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪري سگهندا، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي هر سازش ناکام بڻجي ويندي، ۽ سنڌ جو آواز نه رڳو پاڪستان ۾، پر عالمي سطح تي پڻ سڃاتو ويندو. سنڌو درياهه جي آزاديءَ، سنڌ جي وسيلن جي حفاظت ۽ هارين جي حقن لاءِ جاري هي جدوجهد هڪ اهڙو سبق آهي جيڪو هر نسل لاءِ الهام بڻجي، ۽ جيڪو واضح ڪري ٿو ته ملڪ جي ترقي، صوبائي خودمختياري ۽ جمهوريت جو احترام هڪٻئي سان ڪهڙي حد تائين ڳنڍيل آهن.