توجهه جو مرڪز بڻيل عشرت فاطمه جو پيغام

نصرت جاويد

ٻه ڏينهن اڳ عشرت فاطمه صاحبه جو سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ڏٺم. ان ذريعي هن پنهنجي مداحن کي آگاهه ڪيو هو ته هوءَ پنهنجي زندگي بابت هڪ وڏو ۽ اهم فيصلو ڪرڻ واري آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي جي وڏن نالن سان ڪيترائي ئي ڏهاڪا اڳ تائين منهنجو ويجهو واسطو رهيو آهي، پر عشرت فاطمه صاحبه سان ڪڏهن سرسري سلام دعا به نه ٿي. ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان ٽيليويزن جو خبرنامو ڏسندي سندن تلفظ ۽ ادائيگي جو سادو پر اعتماد ڀريو انداز ساراهه جوڳو لڳندو هو. ٽي وي البته آواز سان گڏ چهري تي به ڌيان ڏئي ٿو. جڏهن به سندن چهري ڏانهن نظر وئي ته سندن نڪ ۾ پاتل ”ڪوڪو“ (جنهن جو اردو نالو مون کي معلوم ناهي) هميشه باوقار لڳو، جڏهن ته عام طور نڪ ۾ پاتل اهڙو زيور اڪثر ڌيان ڇڪائيندڙ چنچلاپن جي علامت لڳندو آهي. مان محترمه عشرت فاطمه صاحبه جو ڪڏهن فين نه رهيو آهيان، تنهنڪري اها ڳولا ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪيم ته هوءَ پنهنجي زندگي جو ”وڏو فيصلو“  ڇو ڪرڻ چاهي ٿي. آهي. اهڙي سوچ سان سوشل ميڊيا ۾ ئي گهمندي ڦرندي عشرت فاطمه صاحبه جو هڪ ٻيو پيغام نظر آيو، جيڪو مون تمام غور سان ٻڌو. ان مان مون کي اهو احساس ٿيو ته شايد محترمه عشرت فاطمه صاحبه کي اعليٰ آفيسرن طرفان بار بار اهو تاثر ڏنو ويو هو ته هوءَ عمر جي ان مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي تلفظ، آواز ۽ ساهه تي مڪمل قابو هوندي به اسڪرين تي “سٺي” نٿي لڳي. اهو ئي تاثر سندن دل ٽٽڻ جو واحد سبب لڳو.

ريڊيو ۽ ٽي وي سان پراڻي لاڳاپي سبب، مان موجوده دور جي آفيسرن جي اهڙي ”مجبوري“ يا ”تنقيد“ سان پورو اتفاق نه ڪرڻ باوجود به سندن سبب ڪجهه حد تائين سمجهي سگهان ٿو. ريڊيو جو صورت سان ڪو واسطو ناهي. منهنجي ٻالڪپڻ جون ٻه وڏيون آوازون، موهني حميد ۽ ياسمين طاهر صاحبه، آخري دم تائين ريڊيو جي مائيڪ تي ڇانيل رهيون. ياسمين صاحبه ريڊيو کان پري ٿي ته ان جو سبب رڳو ڪجهه سالن لاءِ پاڪستان کان ٻاهر هجڻ هو. ريڊيو پاڪستان لاهور جا حسن لطيفي، سلطان کوسٽ ۽ نظام الدين به آخري دم تائين مائيڪ تي گونجندا رهيا. ٽي وي اسڪرين کي دل موهيندڙ چهرا ڏيکارڻ جو رواج فوڪس ٽي وي شروع ڪيو. ان کان اڳ بي بي سي ۽ سي اين اين جهڙا معتبر ادارا پنهنجي اينڪر عورتن جي تجربي ۽ موضوع تي گرفت کي اهميت ڏيندا هئا. انهيءَ سبب اڄ به دنيا جي اهم ترين خبرن جو تجزيو ڄاڻڻ لاءِ سي اين اين جي ڪرسٽين امانپور جو پروگرام ڏسڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. پر دنيا جي تاريخ ۾ مختلف رجحان هلندي هلندي ختم ٿيندا رهيا آهن.

موجوده دور کي Gen-Z جو دور چيو پيو وڃي، جتي پوڙهائپ عزت جوڳي ٿيڻ بدران شرمندگي بڻجي رهي آهي. سيموئل بيڪٽ ان ڪري ياد اچي ٿو، جو ڪيترائي ڏهاڪا اڳ هن جيڪي ڪردار تخليق ڪيا، سي پنهنجي پوڙهائپ کي “لعنت” سمجهي زندگيءَ کان مڪمل بيزار نظر ايندا هئا. اڪيلائيءَ کان ڊڄي، تنهائيءَ ۾ ويهي پنهنجي ئي آواز کي ٽيپ تي رڪارڊ ڪري، ڪنهن ٻئي جي موجودگيءَ جو وهم پيدا ڪندا هئا.

محترمه عشرت فاطمه صاحبه کي، الله جي فضل سان، اهڙي اڪيلائيءَ جو ڪو ڏک ناهي. هوءَ پيار ڪندڙ ٻارن ۽ مڙس جي محبت سان مالا مال آهي. سندن آواز، لهجي ۽ تلفظ تي گرفت اڄ به مثالي آهي. سندن آڏو اها گذارش آهي ته هوءَ ماڻهن سان رابطي لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال جاري رکن. پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا نئين نسل تائين پهچائين. جيڪڏهن هوءَ ائين ڪندي رهندي ته مون جهڙا ماڻهو به اهو سمجهي سگهندا ته عمر جي هڪ خاص حد ۾ داخل ٿيڻ زندگيءَ جي پڄاڻي ناهي. چوڻ ۽ ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻيون ڳالهيون آهن، جن کان ڪناره ڪشي ڪرڻ ڪيترن ئي حوالن سان پنهنجي سان به ناانصافي ۽ دنيا سان به بدديانتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.