ڪراچي ۾تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ٻارڙو فوت، ماءُ پيءُ زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي هاڪس بي روڊ پراڻي ماڙي پور اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار معصوم ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ماءُ ۽ پيءُ زخمي ٿي پيا، پوليس ٽرالر کي قبضي ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، رپورٽ موجب ماڙي پور ٿاڻي جي حدن ۾ هاڪس بي روڊ تي پيش آيل هن حادثي کان پوءِ زخمين کي فوري طور ايڌي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ ٻن ورهين جي حماد طور ٿي، جڏهن ته زخمي والدين جي سڃاڻپ 30 ورهين جي دانش ۽ 25 ورهين جي زينب طور ڪئي وئي، وارثن موجب موٽر سائيڪل تي والدين سان گڏ ٻه ٻار سوار هئا، حادثي ۾ ٻن ورهين جو پٽ فوت ٿي ويو ۽ ماءُ زخمي ٿي پئي، جڏهن ته والد ۽ چار ورهين جي ڌيءَ محفوظ رهيا، پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ بروقت ڪارروائي ڪندي ٽرالر کي قبضي ۾ وٺي ڊرائيور اعجاز علي ولد احمد علي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.