اردو ورسٽي جي شاگردن کي لکن جا آءِ ٽي ڪورس مفت فراهم ڪيا ويندا: گورنر سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري وفاقي اردو يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ مفت جديد آئي ٽي ڪورسز لاءِ خاص ڪوٽا مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو، وفاقي اردو يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ اعلان ڪيو ته هاڻي وفاقي اردو يونيورسٽي جي شاگردن کي 8 کان 10 لک رپين جا آئي ٽي ڪورس پڻ مفت فراهم ڪيا ويندا ته جيئن اهي عالمي مارڪيٽ ۾ سٺيون نوڪريون حاصل ڪري سگهن، هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان اڄ 50 هزار نوجوان مفت ۾ جديد آئي ٽي ڪورسز حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن مان ڪيترائي هر مهيني هزارين ڊالر ڪمائي رهيا آهن، قومي اسيمبلي جو ميمبر امين الحق، چانسلر، وائيس چانسلر، استاد، ليڪچرار، شاگرد ۽ انهن جا والدين وڏي انگ ۾ موجود هئا،  گورنر سنڌ چيو ته اڄ  جا اصل خاص مهمان شاگردن جا والدين آهن، جن پنهنجي محنت، قرباني ۽ دعائن سان پنهنجن ٻارن کي هن مقام تي پهچايو آهي، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا دهشت گردي جو شڪار رهيا آهن ۽ هن مسئلي جو واحد پائيدار حل تعليم ۽ علم کي ھٿي ڏيڻ آهي. گورنر سنڌ واضح ڪيو ته ڪنهن جو رستو روڪڻ ڪڏهن به پنهنجو رستو نه ٺاهيندو آهي، پر ترقي لاءِ مثبت سوچ ۽ تعاون ضروري آهي. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته 10 مئي تي پاڪستان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ طاقتور دشمن کي شڪست ڏني، جنهن کان پوءِ پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي عزت ۽ وقار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.