نادر جمالي قتل ڪيس، گهرو کاتي طرفان عدالتي جاچ بابت باقاعده ليٽر جاري

دادو(رپورٽ: غوث جھتيال) دادو ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي وارو مامرو اهم ۽ فيصلائتي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، جتيسنڌ جي گهرو کاتي طرفان عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت  باقاعده ليٽر جاري ڪيو ويو، جاري ڪيل ليٽر موجب نادر جمالي جي مارجي وڃڻ واري واقعي جي مڪمل، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڄامشورو کان عدالتي جاچ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي گهرو کاتي جي ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ طرفان ايس ايس پي دادو جي درخواست کي اڳتي موڪليو ويو، جنهن ۾ نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ واري واقعي بابت عدالتي جاچ ڪرائڻ جي باقاعده گهر ڪئي وئي هئي، ليٽر ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته عدالتي جاچ جو بنيادي مقصد واقعي سان لاڳاپيل اصل حقيقتن کي سامهون آڻڻ، مبينا قصوروار پوليس آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي ذميواري جو تعين ڪرڻ ۽ انصاف جي تقاضائن کي يقيني بڻائڻ آهي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل ليٽر موجب سفارش ڪئي وئي آهي ته نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي واري معاملي جي جاچ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڄامشورو جي نگراني هيٺ ڪرائي وڃي، جڏهن ته جاچ جي پيش رفت ۽ نتيجن بابت گهرو کاتي کي به باقاعده آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن هن مامري ۾ قانون موجب اڳتي ڪاروائي عمل ۾ آڻي سگهجي واضع رهي ته نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس وارثن، سول سوسائٽي، سياسي، سماجي ماڻهن ۽ شهري حلقن طرفان واقعي کي جعلي مقابلو قرار ڏيندي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو ويو هو، مختلف حلقن پاران لڳاتار شفاف، آزاد ۽ عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جڏهن ته وارثن جو موقف آهي ته نادر جمالي کي بيگناهه پوليس طرفان قتل ڪيو ويو واقعي کان پوءِ دادو ۾ احتجاجن جو سلسلو به جاري رهيو، جتي وارثن ۽  مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته 18 جنوري  2026 تي دادو ۾ وڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، ڌرڻي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ان احتجاج ۾ سول سوسائٽي، سياسي ڌرين، شاگردن ۽ شهرين جو وڏو انگ شرڪت ڪندو، وارثن جو چوڻ آهي ته جيستائين نادر جمالي جي چوڻ سان انصاف نه ٿيندو تيستائين وارثن جي پرامن جدوجهد جاري رهندي، وارثن جوڊيشل انڪوائري سان گڏ ايس ايس پي دادو سميت مقابلو ڄاڻائنيدڙ پوليس ايس ايڇ اوز کي هٽائي ايف آء آر ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.