مٺي: افتتاحي تقريب جئين پڄاڻي تي پهتي ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين سان گڏجي اسٽيج تان هيٺ لهي پنڊال ۾ ويٺل صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي ۽ جهوني جيالي ايم پي اي ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ وٽ پهچي هٿ ملائي خيريت معلوم ڪئي ۽ راهول جيوڻ کي سار سنڀال لهڻ جو چيو، جڏھن ته ٿر ۾ پيپلزپارٽي جا جيڪي وڏا جلسا صدر آصف علي زرداري جو هجي يا بلاول ڀٽو زرداري جو هجي پر ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ کي اهميت ڏني ويئي آهي ۽ آصف زرداري پنهنجي ڪيل تقريرن ۾ ذڪر ڪندو رهيو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري احترام ڪندي اسٽيج تان اچي کيس ملاقات ڪري محبت جو اظهار ڪيو آهي.