مٺي: بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ ٻين ٿر انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪئمپس مٺي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي ته اسان يونيورسٽين ۾ شاگردن کي بهتر تعليم ڏيون ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ 16 يونيورسٽين جا ڪئمپس قائم ڪيا آهن ۽ هي 18هون ڪئمپس جو افتتاح ڪيو آهي. تقريب ۾ صوبائي وزير مير طارق ٽالپر ايم اين اي پير امير علي شاھ جيلاني ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي صلاحڪار دوست محمد راهمون ايم پي اي قاسم سراج سومرو ايم پي اي ارباب لطف الله ايم پي اي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ايم پي اي سيد امير علي شاھ سينيٽر پونجومل ڀيل ضلع صدر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ،ايم پي اي امير امان الله، ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي، انجنيئر گيانچند ٿاراڻي، ڪرشنا ڪولھي، حاجي بقا پلي، ونود ڪمار ملاڻي سشيل ڪمار ملاڻي،درشن ڪمار ملاڻي سنيل ڪمار ملاڻي ڊاڪٽر لو ڪمار ملاڻي ء پارٽي جي عھديدارن ورڪر معززين ۽ صحافين شرڪت ڪئي.