ٽي ڏينهن اڳ جڏهن سوشل ميڊيا تي حيدرآباد جي اسپتال جي بستري تي يار رياض جي بيماري ۾ بي حال ستل فوٽو ڏٺم ته دل رت ۽ ڳوڙهن ۽ سڏڪن سان سيني مان ٻاهر نڪري آئي، مان جڏهن سليم ٻڌ کي چيو ته ساٿي رياض ٻڌ سان ٿورو ڳالهراءِ ته هن ٻڌايو ته رياض ڳالهائي نه ٿو سگهي ته دل ۽ دماغ سمجهي ويو ته ساٿي انقلابي قافلي کان جسماني طور موڪلائي رهيو آهي، مان سليم کي چيو ته ساٿي سان وڊيو تي هڪٻئي جو منهن ڏيکار، رياض اکيون نه کوليون ،سليم کيس سڏ ڪيا ته ذوالفقار آهي، هن منهنجو نالو ضرور ٻڌو هوندو، پر هو ائين ئي بيوس هو، جيئن مان پليجي صاحب کي وينٽيليٽر تي ڏسي هن کي واپس ورائڻ جي آس جي آئيني کي ٽٽڻ کان بچائي نه سگهيو هوس، مون کي خبر هئي رياض ٻن ڏينهن جو مس مهمان آهي.
مون اڪيلي سر پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ساڳي بيماري ۾ تڙپندي ۽ مرندي ڏٺو ۽ پنهنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ کي ڪرونا جي موتمار موسم ۾ موت جي حوالي ٿيندي ڏٺو هو.. مان پاڻ جيري جي بيماري ۾ پاڻ کي اڌ ۾ علاج ڇڏيندي ڪڏهن بي وسي ۽ مجبورين جي صليب تي چڙهندي ۽ لهندي ڏٺو آهي ، جيئن منهنجا ڪجهه دوست هر مهيني ۽ هر هفتي مان کي موت جي ويجهو ڏسندا آهن ۽ پريس ڪلب ۾ منهنجي ياد لاءِ منهنجي تصوير هڻڻ جي جڳھه چونڊي رکي آهي، پر ڪجهه دوستن جي دعائن ۽ مستقل طور بنا ٿڪجڻ جي هر ساٿ ڏيڻ ڪري رياض کان موڪلائڻ جي گوءَ ۾ پوئتي رهجي ويس ، رياض ٻڌ کي به بيماري ۽ بي وسي ۾ مشڪلاتن ۾ گهڻن ويجهن جا تلخ تجربا ماڻي چڪو آهيان، رياض ٻڌ ڪڏهن به خوشحال زندگي نه ڏٺي، سندس نوڪري به ڪا خاص نه هئي، کيس سال سال پگهار نه ملندي هئي، جڏهن کيس نوڪري ۾ ڪجهه خوشحالي آئي ته هو سکر هليو ويو، پر کيس سکن گهڻو ساٿ نه ڏنو، هن هڪ دفعي منهنجي بيماري ۽ مشڪلاتن جا قصا ٻڌا ته هن هر قسم جي سهڪار ڪرڻ لاءِ فون ڪيو، پر مون کي خبر هئي ته هن کي مون کان وڌيڪ مسئلا آهن ، ان ڪري هن جا ٿورا قبول مڃيا، پر کيس ڪا به تڪليف نه ڏني، هو هڪ معني ۾ مون کان وڌيڪ خوشنصيب به هو، جو کيس خاندان هو، مان وانگر اڪيلو نه هو.رياض ٻڌ جا ويجهي ۾ ويجھا ساٿي رفيع لغاري، خليل منگي، انقلابي حميد تنيو ۽ ٻيا يقينن ان دور ۽ ڳالهه جا شاهد آهن ته جڏهن عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ،سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ ويٺل سرڪاري ايجنسين جي پگهاردارن ۽ ان جي پارٽي کان ٻاهر ويٺل صاحبن پارٽي ۽ رهبر رسول بخش پليجو صاحب جي شخصيت مٿان الزامن ۽ پارٽي اندر غلط فهمين ڦهلائڻ جا حملا ڪيا ته ڏسڻا وائسڻا ساٿي به چڪرائجي ويا، ان وقت سوين ساٿين سميت هن جو ذهن ۽ دل چڪرائجي ھيٺ نه ڪريا، سخت معاشي مسئلن باوجود مشرف جي آمريت، ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال ،قبيلائي دهشتگردي سميت هر جدوجهد ۽ رياستي ڏاڍ آڏو پارٽي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نصير آباد جي حدن ۽ ٻاهر پارٽي ۽ پنهنجي قائد جي ضابطن ۽ هدايتن تي هلندو رهيو، نصير آباد ۾ جشن لطيف هجي يا پارٽي پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ ڀٽ شاھ هجي يا حيدرآباد لاءِ بسون ڪڍڻ جا ڪم هجن، هر ساٿي سميت هن کي به ان ڳالهه جو خيال يا کوٽ محسوس نه ٿي ته جيڪي اول اسان جي ان عمل ۾ قيادت ڪندا هئا، اهي هاڻي اسان سان نه پر دشمنن سان گڏ آهن ۽ اسان جي قافلي ۾ موجوده نه آهن.
ساٿي رياض ٻڌ ۽ مان گذريل 3,4 سالن ۾ اهي ڊگهيون ڪچهريون نه ڪري سگهياسين، استاد جو وڇوڙو هجي يا ورسي جو پروگرام هجي، پري کان ملياسين، پر اهو احساس ئي نه رهيو ته اسان جسماني طور الڳ ٿي وينداسين،استاد جي وڇوڙي جو زخم ڀرجي نه سگهيو، ان کان اڳ ڊاڪٽر قاضي غفار، ادي حور النسا پليجو، زاهدا شيخ ، رشيد ڀٽي، عاشق جوڻيجو، سارنگ امر، ڪامريڊ منان چانڊيو،ڪامريڊ نياز ميراڻي سميت ساٿين جي وڇوڙي جي زخمن کي ڀرجڻ کان اڳ ئي رياض ٻڌ منهنجي سڏ جو سڏ ڏئي نه سگهيو ۽ بنا موڪلائڻ جي هليو ويو. هن جا ساٿي هن جي جسماني طور الڳ ٿيڻ باوجود هن جي زندگيءَ ۽ جدوجهد ۾ گڏ رهندا، ساٿي ۽ مٽ مائٽ رياض ٻڌ کي پنهنجي خيال موجب کيس قبر ۾ لاهي اڪيلا ته موٽيا هوندا، پر کين احساس ڪرڻ گهرجي ته رياض ٻڌ هنن سان ئي گڏ موٽي آيو آهي.