پني عاقل جي ڪچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ شخص قتل

پنوعاقل (رپورٽ: ارشاد رستم انڍڙ) پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب هڪ نوجوان قتل ٿي ويو. واقعي موجب رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ پاڻي جي واري تي بيٺل ڳوٺ ڀنڀو  عالماڻي جو رهواسي نوجوان واجد عالماڻي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جان وڃائي ويٺو. واقعي کانپوءِ مقتول جو لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتان قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي ڀاءُ ۽ سماجي اڳواڻ شھزور عالماڻي ٻڌايو ته هٿياربندن پاڻي جي واري تي بيٺل سندس ڀاءُ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مزاحمت ڪرڻ تي مٿس سڌيون گوليون هنيون ويون، جنهن سبب هو موقعي تي فوت ٿي ويو. پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.