قبيلائي جهيڙن تي حڪومت کي مداخلت ڪرڻي پوندي، عورتون، ٻار مارڻ بزدلي آهي: علي گوهر مهر

لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر) شڪارپور ويجهو ڄڃ مٿان حملي ۾ قتل ٿيل گهوٽ سندس ڀاء ۽ ڊرائيور جي قتل تي مهر قبيلي جي سردار علي گوهر خان مهر رستم شهر پهچي مقتولن جي وارثن سان ڏک  جو اظهار ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار علي گوهر مهر چيو آهي ته قبائلي تڪرارن ۾ عورتن معصوم ٻارڙن پيرسن کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلي وارو ڪم آهي مهر جتوئي تڪرار تان ڄڃ مٿان حملو ڪري گهوٽ الطاف مهر سندس معصوم ڀاءُ محمد حسن مھر ڪار ڊرائيور محمد رمضان مھر کي بيگناھ قتل ڪري عورتن کي زخمي ڪيو ۽ خوشين کي ماتم تبديل ڪيو جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي قبائلي جهيڙن جي آڙ ۾ ڏوهاري فائدو وٺي رهيا آهن ڏوهارين خلاف قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قانون ئي واحد رستو آهي جيڪو ڏوھ کي ختم ڪري سگهي ٿو مهر جتوئي تڪرار جو 6 ڀيرا فيصلو ٿيو پر ان جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي اها مهرن طرفان هجي يا جتوئي ڌر طرفان قابل قبول ناهي، هاڻي سردارن کي ڪجهه اهڙو ڪرڻ گهرجي جيئن ٻيهر ڪوئي اهڙي حرڪت ڪري نه سگهي. ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر انور علي مهر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.