جرڳن سبب انصاف جي نظام تان ويساهه کڄي ويو آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌي عوام کان جيئڻ جو بنيادي حق به ڦري ورتو آهي. سنڌ ۾ روزاني ماڻهو بي دردي سان قتل ڪيا وڃن ٿا، انهن جو ڪو به داد فرياد نٿو ٿئي ۽ پوءِ انهن قتلن جا عدالتن کان مٿانهان جرڳا ڪرايا وڃن ٿا. هنن چيو ته وڏيرا ۽ سردار جرڳن ۾ پوليس خرچ لاءِ لکين روپيا وصول ڪن ٿا. ان جو تازو مثال ٽيون ڏينهن رستم ويجهو هڪ عورت جي قتل جو ڳجهه ڳوهه ۾ جرڳو ڪيو ويو، ان جرڳي ۾ پوليس خرچ لاءِ 14 لک روپيا مقرر ڪيا ويا. جرڳن سبب عوام جو انصاف جي نظام تان ويساهه کڄي ويو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ انويسٽيگيشن جا قانون مدي خارج ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي آڙ ۾ ڏوهارين کي بچايو وڃي ٿو. انويسٽيگيشن جي قانونن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ۽ ڏوهارين جي تحفظ ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن ڪو به انفارميشن آفيسر رشوت وٺي ڏوهارين جي سرپرستي نه ڪري سگهي. پريس بيان ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ بدامني کي ڄاڻي واڻي وڌايو ويو آهي، پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آهي. حالتون اهڙيون آهن جو لاڙڪاڻي مان 23 پوليس اهلڪارن کان ڦر ٿي آهي، پر ڦورو گرفتار نٿا ٿين، ڇاڪاڻ⁠ ته انهن کي پي پي حڪومت جي سردارن ۽ وڏيرن جي مڪمل طور سرپرستي حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.