پاڪستان وٽ کربين ڊالرن جا معدني وسيلا موجود آهن : عالمي رسالو

راولپنڊي(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عوام باني پي ٽي آءِ بابت ٻڌڻ چاهي ٿو، ۽ اسان سندس آزادي لاءِ جيڪو به ڪرڻو پيو اهو ڪنداسين، ڪو به اسان کي روڪي نٿو سگهي.راولپنڊي جي فيڪٽري ناڪي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته سهيل آفريدی پاڪستان جو مستقبل آهي، اها نئين سياست آهي، ۽ جوانن پراڻي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. نئين نسل کي ڏسي خوشي ٿئي ٿي.هن چيو ته ڪراچي بابت اهو تاثر ڏنو ويو هو ته اتي تمام گهڻو خوف آهي، پر حقيقت ۾ ڪراچي ۾  ڪو به خوف ناهي. ڪراچي ۾ ننڍي کان ننڍو آفيسر به بلٽ پروف گاڏي کان سواءِ نٿو هلي، پر سهيل آفريدی سڄو وقت گاڏي جي مٿان ويهي گذاريو. ان جو مطلب آهي ته ڪراچي جا ماڻهو پرامن آهن.عليمه خان وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدی ڪراچي جي خوف جا بت ٽوڙي آيو آهي، هو معمولي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ نه ويو هو. اهڙي قسم جا بهادر نوجوان جيڪڏهن پاڪستان جا سياستدان بڻجن ته اهو ملڪ لاءِ سٺو آهي. پي ٽي آءِ جو چيئرمين باني عمران خان آهي، ۽ هن جيڪي به ڳالهيون موڪليون آهن اهي ايڪس (ٽوئٽر) تي موجود آهن.هڪ صحافي سوال ڪيو ته جڏهن توهان جي گرفتاري نه ٿي رهي هئي، تڏهن به اهو تاثر هو ته توهان سان طاقتور ماڻهو گڏ آهن، ۽ اهو به چيو ويو ته توهان وزيراعليٰ تبديل ڪرايو. ان تي عليمه خان سوال ڪيو ته توهان کي ڪنهن چيو آهي ته مون وزيراعليٰ تبديل ڪرايو؟ هن چيو ته ڇا توهان سڀ انتظار نٿا ڪريو ته باني ڪهڙي هدايت ڏئي ٿو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.