ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ، جسٽس يوسف علي سعيد تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ، سنڌ ۾ رولو ڪتن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ۽ ريبيز پروگرام تحت ويڪسين جي عدم دستيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران انڪشاف ٿيو ته سال 2025 ۾ صوبي ۾ ڪتن جي چڪڻ سبب 22 شهري فوت ۽ 29 هزار ماڻهو زخمي ٿيا. درخواست گذار ايڊووڪيٽ طارق منصور عدالت کي آگاهه ڪيو ته 2024 ۾ عدالتي حڪمن باوجود ريبيز ڪنٽرول پروگرام شروع نه ڪيو ويو ۽ ڪي ايم سي هيلپ لائن 1093 به غير فعال ٿي چڪي آهي. عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته حڪمن تي عمل ڇو نه ٿيو. سرڪاري وڪيل موجب ويڪسين موجود آهن ۽ رپورٽ تيار ڪري جمع ڪرائي ويندي. عدالت سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ڌرين کان چئن هفتن اندر رپورٽون طلب ڪندي چيو ته جوابن بعد مناسب حڪم جاري ڪيا ويندا.