اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي اڳواڻ پلوشا خان چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري کي ته خبر ئي نه هئي، ۽ ڪالهه سندس نالي سان آرڊيننس جاري ٿي ويو۔اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر زرداري سان دوکو ڪيو ويو آهي، سندس خلاف انتهائي اونهي ۽ سنجيده واردات ڪئي وئي آهي، ۽ هاڻي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي۔هن چيو ته جعلي آرڊيننس ٺاهڻ واري فيڪٽري کي فوري بند ڪيو وڃي،جعلي ڊگرين بابت ته اڳ به ٻڌو هو، پر جعلي آرڊيننس بابت اهو پهريون دفعو ٻڌي رهيا آهيون۔ حڪومت طرفان چيو ويو ته اهو سڀ ڪجهه غلطي سان ٿي ويو،هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سان اسان جي اعتماد جي حالت اها آهي جو بغير دستخطن جي آرڊيننس جاري ڪيا وڃن ٿا۔هن چيو ته پاڪستان اهڙيون غلطيون برداشت نٿو ڪري سگهي، جيڪو به اهڙي غلطي ڪري رهيو آهي، ان کي پنهنجي صفن مان ڪڍي ٻاهر ڪيو وڃي،پلوشا خان چيو ته خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ کي سنڌ ۾ ڀليڪار ڪيو ويو، پر هو پوءِ به خوش نظر نٿو اچي،هو روڊ تي جلسو ڪرڻ چاهي رهيو هو، جڏهن ته باغ جناح شايد هو ڀري به نه سگهن ها۔. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جو نجڪاري (پرائيويٽائيزيشن) بابت موقف بلڪل واضح آهي۔ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هاڻي نجڪاري شپنگ سيڪٽر ڏانهن وڃي رهي آهي،ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ آرڊيننس واري معاملي تي پارٽي جي موقف بابت صلاح مشورا ڪيا ويا۔پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت زوم ذريعي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي۔اجلاس ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، اعجاز جکراڻي، شهلا رضا، قادر پٽيل، آغا رفيع، ناز بلوچ، نوابزاده افتخار، شازيه مري، قاسم گيلاني سميت ٻين اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي۔ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ آرڊيننس واري معاملي تي پيپلز پارٽي جي موقف بابت تفصيلي مشاورت ڪئي وئي۔ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس دوران اسيمبلي ميمبرن ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ڪيل فنڊز بابت شڪايتون به پيش ڪيون۔