ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ شديد سردي دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سوئي گئس غائب ٿي وئي، 2 فيلڊز مان سپلاءِ گهٽجي وئي آهي. سوئي سدرن گئس جي ترجمان موجب، گئس فيلڊ مان 45 ايم ايم سي ايف ڊي گئس گهٽجي وئي آهي، ڪجهه وقت ۾ گئس جي صورتحال معمول تي اچي ويندي. سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) جي ترجمان موجب، آچر تي صنعتن کي گئس جي فراهمي بند ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف، صارفين جو چوڻ آهي ته گلشن اقبال جي بلاڪ 8، 18 ۽ 19 ۾ گئس جي فراهمي بند آهي، جڏهن ته ڊفينس فيز 2 ايڪسٽينشن ۽ ويجهن علائقن ۾ سوئي گئس ڪيترن ئي ڪلاڪن کان معطل آهي. ڪورنگي جي چڪرا ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ گئس غائب آهي. صارفين جو چوڻ آهي ته ناگن چورنگي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به گذريل ٽن ڏينهن کان گئس جو دٻاءُ انتهائي گهٽ آهي. صارفين وڌيڪ چيو ته ڪي ڊي اي اسڪيم 7، بختاور ڳوٺ ۽ ڀٽائي آباد گلستان جوهر ۾ به گئس جي فراهمي معطل آهي. نيوڪراچي ۽ نارٿ ڪراچي ۾ به گئس فراهمي معطل رهي.