اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري 13 جنوري کان 16 جنوري تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، دوري دوران، صدر بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفا ۽ولي عهد ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو. دوري جو مقصد پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي.