مريم نواز ٽن صوبن کي دهشتگرد قرار ڏئي پاڪستان کي ورهائڻ واري سوچ ظاهر ڪئي آهي: سهيل آفريدي

خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ٽن صوبن کي دهشتگردي جو بنياد قرار ڏئي مودي ۽ ڀارت کي ڪلين چٺ ڏئي ڇڏي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير جي بيان تي تنقيد ڪندي سهيل آفريدي چيو ته مريم نواز جي بيان سان دهشتگردي خلاف پاڪستان جي عالمي موقف کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته صوبن خلاف تعصب وارو رويو پاڪستان کي ورهائڻ واري سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو.

سهيل آفريدي کي جواب ڏيندي پنجاب جي سڌسماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ٻين تي بيان بازي ڪرڻ سان اوهان پنهنجي ڪارڪردگي جون ڪمزوريون لڪائي نٿا سگهو. پنجاب ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس هب جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو هو ته صوبي جا ماڻهو الله تعاليٰ کان پوءِ سندس ڏانهن ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب جي سلامتي تي اربين رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون.

مريم نواز جو چوڻ هو ته ”مون کي پاڙيسري ملڪن کان گهٽ، پاڙيسري صوبن کان وڌيڪ خطرو آهي.“

هن چيو ته ڪچي جو علائقو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏوهن جو مرڪز بڻيل هو، پر فوج ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪچي واري علائقي ۾ حالتون ضابطي هيٺ آهن.

سندس چوڻ هو ته صوبي جي سرحدي علائقن مان خطرا اچن ٿا، جن جي خاتمي لاءِ هاڻي گڏيل چيڪ پوسٽن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي. انٽيليجنس هب سلامتي وارن ادارن وچ ۾ رابطي ۽ سهڪار جو اهم مرڪز ثابت ٿيندو.

You might also like