پاڪ فوج جي شعبي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب 2 کان 5 سيپٽمبر دوران خيبر پختونخوا ۾ مختلف چڪرين دوران 21 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي 31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچين رات سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران علائقي ۾ لڪل 10 خوارج مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ هڪ ٻي ڪارروائي دوران 7 خوارج مارجي ويا، جڏهن ته ڪوهاٽ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٻن مختلف چڪرين دوران وڌيڪ 4 خوارج مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ مارجي ويل خوارج جو مجموعي انگ 25 ٿي ويو آهي. علائقي ۾ موجود ٻين خوارج جي خاتمي لاءِ صفائي جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
پاڪ فوج جي شعبي بين الالقوامي تعلقات موجب افغانستان مان پاڪستان خلاف سرحد پار دهشتگردي ڪئي پئي وڃي. افغان طالبان حڪومت کي اثرائتي سرحدي انتظام کي يقيني بڻائڻ گهرجي، جڏهن ته طالبان حڪومت دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
مملڪتي صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ بروقت ڪارروائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻاهرين سرپرستي هيٺ سرگرم دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا هر قيمت تي ناڪام بڻائينداسين. پاڪستان جي سرحدن جو دفاع ۽ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو پهرين ترجيح آهي. افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي.
وزيراعظم شهباز شريف خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته امن ۽ استحڪام خلاف ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي قوم کي هٿياربند فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن تي فخر آهي.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ”عزمِ استحڪام“ جي تصور تحت ڪارروايون جاري رهنديون.