اسلام آباد (بيورو) مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي مواصلات واري سيڪريٽري ۽ سي اي او خلاف توهين پارليامينٽ جي ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو، ذيلي ڪميٽي سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سينيٽ جي مواصلات بابت ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر ڪامل علي آغا جي صدارت هيٺ ٿيو. مواصلات سيڪريٽري ۽ سي اي او نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي غير حاضري تي ڪميٽي ميمبر ڪاوڙجي پيا. اجلاس ۾ وزارت ۽ اين ايڇ اي جا رڳو 2 آفيسر شريڪ ٿيا. سينيٽر سيف الله ابڙي چيو ته ڪميٽي ۾ کاتي ۽ وزارت مان هڪ هڪ ذيلي آفيسر آيا، اهڙي صورتحال پارلياماني تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿي. آفيسرن ٻڌيو ته مواصلات سيڪريٽري سنڌ جي عدالت ۾ پيش ٿيندو، ان لاءِ نه اچي سگهيو. سينيٽر ضمير گهمري چيو ته ان لا3 عدالت اهم آهي پر پارليامينٽ نه؟ 27هين ترميم کانپوءِ ته عدالتن جو حشر نشر ڪيو ويو آهي، هاڻي ته جج ساهه به ڏکيائي سان کڻن ٿا، ساڻن سٺو ٿيو، هنن اسان جي ٽن وزيراعظمن سان ڇا ڪيو؟ ڪميٽي ميمبرن چيو ته سيڪريٽري مواصلات زيادتي ڪئي آهي، کيس عهدي تان هٽائڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين کي سفارش موڪلي ويندي ۽ ڪاپي وزيراعظم آفيس کي موڪلي ويندي. اجلاس ۾ سينيٽر پلوشا خان ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان وچ ۾ تڪرار جو ذڪر ٿيو. ڪنوينر موجب، وزير چيو ته سڄي جهان جا بي ايمان ڪميٽي ۾ گڏ ٿي ويا آهن، عليم خان پارليامينٽ جو نمائندو آهي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي هن ائين ڇو چيو؟ سينيٽر سيف الله ابڙي چيو ته سڀ کان وڏو بي ايمان هو پاڻ آهي، پهريان ان معاملي کي اڪلائينداسين، هاڻي ته هو پاڪستان ٽوڙي 10 کان 12 صوبا ٺاهي رهيو آهي، هن سنڌ ٽوڙي 2 صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.